حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ 70 سيڪڙو کان به وڌڻ لڳي، سنڌ ۾ خريف جو فصل ٿيڻ جي اميد نه رهي آهي، پر پيئڻ جو پاڻي ملڻ به ڏکيو ٿي رهيو آهي، بيٺل فصل سڪي سڙي رهيا آهن، ميوون جا باغ به پاڻيءَ جي کوٽ سبب متاثر ٿيڻ لڳا آهن، ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جا وهڪرا ڏينهون ڏينهن وڌيڪ گهٽجي رهيا آهن، ڪالهه 21 مارچ تي جاري ٿيل پاڻيءَ جي انگن اکرن موجب سنڌ جي 40 هزار ڪيوسڪ پاڻيءَ جي انڊينٽ مان گڊو بئراج تائين 20 هزار ڪيوسڪ پاڻي پهتو، جنهن سبب پاڻيءَ جي انڊينٽ کان پاڻيءَ جي کوٽ 20 هزار ڪيوسڪ تائين وڃي پهتي آهي، گڊو بئراج جو هيٺاهون وهڪرو 17 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، سکر بئراج تي مٿاهون وهڪرو 14 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 6 هزار ڪيوسڪ، جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج تي پاڻيءَ جو وهڪرو 5 هزار ڪيوسڪ کان به گهٽجڻ لڳو آهي، هيٺاهون وهڪرو بدستور ٻڙي تي آهي، پاڻيءَ جي کڻت وارن انگن اکرن موجب گڊو مان 4 هزار ڪيوسڪ، سکر مان 8 هزار ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بئراج مان رڳو پيئڻ جي پاڻي جيتري کڻت 4 هزار ڪيوسڪ وڃي رهي آهي، سنڌ جي بئراجن تي ڪل کڻت 16 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪئي وئي، پاڻي لاسز 5 هزار ڪيوسڪ ڄاڻايو ويو آهي، پاڻيءَ جي کڻت موجب بلوچستان جي کڻت 2 هزار ڪيوسڪ، دادو مورو پل 112،3 فٽ، منڇر ڍنڍ 111،4 ليول فٽ، آمري پل 90،0 گيج فٽ، ڪينجهر ڍنڍ 45،0 ليول فٽ، چوٽياري ڊيم 15،0 ليول فٽ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته ريني ڪئنال، بيگاري سنڌ فيڊر ۽ رائس ڪئنال بدستور بند آهن، گهوٽڪي فيڊر 2,100، ڊزرٽ پٽ فيڊر 1,800، گڊو مان بلوچستان جي کڻت 1,800 ڪيوسڪ، کير ٿر ڪئنال 900 ڪيوسڪ، سکر مان گڙنگ بلوچستان کڻت 200 ڪيوسڪ، دادو ڪئنال 3 سئو ڪيوسڪ، نارا ڪئنال 29 سئو ڪيوسڪ، روهڙي ڪئنال 29 سئو ڪيوسڪ، خيرپور ايسٽ 500 ڪيوسڪ، خيرپور ويسٽ 60 ڪيوسڪ، اڪرم واهه 8 سئو ڪيوسڪ، ڪلري بگهاڙ فيڊر 21 سئو ڪيوسڪ، پنڃاري ڪئنال 9 سئو ڪيوسڪ ۽ ڦليلي گوني تي 11 سئو ڪيوسڪ پاڻي رڪارڊ ڪيو ويو، انگن اکرن موجب سنڌ جي بئراجن، ڪئنالن ۽ واهن تي پاڻيءَ جي صورتحال انتهائي گهڻي خراب ٿي رهي آهي، ايندڙ پاڻي صرف پيئڻ سميت عوام جي عام استعمال جيترو به نه رهيو آهي، سنڌ جي پڇڙي وارا علائقا پاڻيءَ جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن جتي پيئڻ جو پاڻي به ملڻ ڏکيو ٿي پيو آهي.