1700 يوٽلٽي اسٽور بند، هزارين ملازم بي روزگار ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو/ع آ نيوز) وفاقی حڪومت نے نجڪاري منصوبي تحت نقصان ۾ هلندڙ 1700 يوٽليٽي اسٽور بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سینیٽر عون عباس جي صدارت ۾ صنعت ۽ پيداوار بابت سينيٽ اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ يوٽيلٽي اسٽورن جي ڪارپوريشن جي مستقبل تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته يوٽيلٽي اسٽور حڪومت جي نجڪاري فهرست ۾ شامل آهن، تنهن هوندي به ٻن سالن جي آڊٽ نه ٿيڻ جي سبب نجڪاري جو عمل روڪيو ويو آهي، آڊٽ آگسٽ 2025 تائين مڪمل ڪرڻ جو هدف رکيو ويو  آهي. سينيٽ ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته هن وقت ملڪ ۾ 3200 کان وڌيڪ يوٽيلٽي اسٽور موجود آهن، جن مان 1700 نقصان ۾ هلڻ وارا آهن ۽ انهن کي بند ڪيو ويندو، نجڪاري کان پوء صرف 1500 اسٽورز لاءِ عملو گهربل هوندو، جڏهن ته باقي ملازمن کي سرپلس پول ۾ موڪليو ويندو. عملدارن مطابق، يوٽيلٽي اسٽورن جا 5000 ملازم ريگولر آهن، جڏهن ته 6000 کان لڳ ڀڳ ڪنٽريڪٽ ۽ ڊيلي ويجز تي ڪم ڪري رهيا آهن، مستقل ملازمن کي سرپلس پول ۾ شامل ڪيو ويندو جڏهن ته ڪنٽريڪٽ ۽ ڊيلي ويجز ملازمن کي ڪو پيڪيج ناهي ڏنو ويندو ۽ نجڪاري کان پوء انهن کي فارغ ڪيو ويندو. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته يوٽيلٽي اسٽور ڪارپوريشن جو ماهوار خرچ هڪ ارب 2 ڪروڙ روپيا هو، تنهن هوندي نقصان ۾ هلندڙ اسٽورن کي بند ڪرڻ سان اهو گهٽجي 52 ڪروڙ روپيا ٿي ويو آهي، هڪ مهيني ۾ نقصان 22 ڪروڙ روپيا گهٽ ٿيو ۽ مجموعي نقصان 17 ڪروڙ روپيا گهٽجي 50 ڪروڙ روپيا ٿي ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.