ٽنڊوالھيار (رپورٽ: حسرت لغاري) سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ارسا ايڪٽ ۾ ڪيل ترميمن خلاف جيئي سنڌ محاذ پاران غلام رسول رند، باغي ڪالرو، زاھد لغاري ۽ ٻين جي قيادت ۾ شھر جي سول اسپتال کان ٽنڊوالھيار پريس ڪلب تائين ھڪ مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي، پريس ڪلب تي پھچڻ بعد ريلي ۾ شامل ڪارڪنن پاران حڪومت خلاف نعريبازي ڪندي سخت احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته اسين سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ، ڪارپوريٽ فارمنگ، ارسا ايڪٽ ۾ ڪيل ھڪ طرفا فيصلا ۽ سنڌ جي زمينن جي ولار بابت ڪيل سمورن فيصلن کي مڪمل طرح رد ڪريون ٿا، ھنن چيو ته انھن سمورن وفاقي منصوبن کي سنڌ جي صوبائي حڪومت جي مڪمل پٺڀرائي حاصل آھي جنھن جي مذمت ڪريون ٿا.