ٽنڊي باگي ۾ سجاڳ ٻار تحريڪ جو مارچ، سوين ٻارڙا ۽ شهري شريڪ، ڌرڻو

ٽنڊو باگو (رپورٽ: دوست محمدچانڊيو) ٽنڊي باگي ۾ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري ارسا جا اختيار وفاق حوالي ڪرڻ، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڇهه نون ڪئنالن خلاف سجاڳ ٻار تحريڪ  طرفان سي اين جي  پمپ کان پريس ڪلب ٽنڊوباگو تائين پيادل مارچ ڪري مک چوڪ تي ڌرڻو ھنيو ويو، جنهن ۾ عورتن، ٻارن ۽ آبادگار سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ريلي جي اڳواڻي سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري امرجليل هاليپوٽو، سنڌي شاگرد تحريڪ ضلعي بدين جي جنرل سيڪريٽري رشيد هاليپوٽو، عوامي تحريڪ ضلعي بدين جي جنرل سيڪريٽري مختيار،  سچل هاليپوٽو، جيون ڪولهي، ريحانه هاليپوٽو، سومل ۽ ٻين ڪئي، مارچ کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيپلز پارٽي جي قرارداد ڪوڙ، ٺڳي ۽ منافقت تي ٻڌل آهي، پيپلزپارٽي ڊجيٽل آدمشماري جيان ڪئنالن جي مسئلي تي به سنڌي قوم سان فراڊ ڪري رهي آهي، اقتدار جي لالچ ۽ ھوس ۾ سنڌو درياهه وڪرو ڪري سنڌي قوم سان ويساهه گهاتي ڪئي آهي، سنڌي قوم پنهنجي درياهه تي ڌاڙو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندي، سنڌو درياھ سنڌ جي شھه رڳ، ڪروڙين انسانن جانورن پکي پکڻ ۽ ساھوارن جي جيئڻ جو واحد وسيلو آھي، سنڌ ۾ ھن وقت به پاڻي اڻلڀ آھي، ڊيلٽا ۾ پاڻي نه ڇڏڻ ڪري سجاول، ٺٽي ۽ بدين جون لکين ايڪڙ زمينون سمنڊ ڳڙڪائي ويو آھي، ارسا سنڌ کي 1991ع جي ٺاهه کان 60 سيڪڙو پاڻي گهٽ ڏنو آهي، جڏهن سنڌ لاءِ پاڻيءَ جي کوٽ آهي ته پوءِ پنجاب کي اضافي پاڻي کڻڻ لاءِ چولستان ڪئنال جو سرٽيفڪيٽ ڪيئن جاري ڪيو ويو؟ارسا جا ميمبر انگ اکرن جي هيراڦيري ڪري ملڪ خلاف سازش ڪري رهيا آهن، سرٽيفڪيٽ جاري ڪندڙ ارسا جي ميمبرن خلاف آئين جي آرٽيڪل 6 تحت ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ سنڌ کي سنڌ جي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.