پاڻي چور ۽ سنڌ جي مزاحمت

تحرير: پرهه سومرو

ڌرتيءَ منجھان پيدا ٿيندڙ فصل، زراعت پاڻي جي ڪري ٿئي ٿي، پاڻي جڳ جو پالڻھار آھي، اھو ئي پاڻي جيوت جو واحد سھارو پڻ آھي،انھيءَ پاڻيءَ خاطر دنيا ۾ جنگيون لڳنديون رھيون آھن، جن علائقن ۾ درياھ ھئا اتان شاھڪار تهذيبون دنيا آڏو نروار ٿيون، اھڙي ئي تھذيب سنڌو ماٿري جي آھي جنھن کي سنڌو درياھ حياتي بخشي. سنڌو درياھ سنڌي ماڻھن لاءِ رڳو پاڻي ئي نه پر ديوتا/پالڻھار جي حيثيت رکي ٿو، ھتان جي رهواسين ھن کي ڪڏھن قديم سنسڪرت جي دور ۾ "سنڌو”، ڪڏھن فارسي ۾”ھندو”، يونانين ھن کي "انڊو” ۽ چينين ھن کي "انڊس” ٿي ڪوٺيو آھي. سنڌوءَ ڪناري وسندڙن ھن نديءَ کي پوڄيو آھي، ھن نديءَ سان جن نينھن لاتو آھي تن کي ھن مٽيءَ جڳ ۾ ھٻڪار بخشي، عزتون، مان مرتبا ۽ امرتا بخشي آھي.

ھن نديءَ جو جنم تبت جي "مانسروور” ڍنڍ مان ٿئي ٿو، اتان کان ھي پنھنجو سفر شروع ڪندي پنھنجن مختلف ۽ منفرد نالن سان اچي سنڌو ۾ پرويش ڪري ٿي. سنڌو ندي جي وسعت، تاريخي حيثيت سان ھيل تائين پنھنجن ٻچن جي پالڻھار ۽ ڇپر ڇانوَ ھجڻ ڪري سنڌي ماڻھو ھن کي سنڌو ماتا مڃين ٿا.

1857ع کان پنجاب سنڌوءَ جو پاڻيءَ چورائڻ جو  سلسلو جاري رکيو پيو اچي. 1859ع ۾ پنجاب جي حڪمران ٽولي سنڌ جي اجازت کانسواءِ ئي سنڌو نديءَ جي ڀرتي ڪندڙ ندي راويءَ مان اپر دوآب ڪئنال کوٽي پاڻيءَ جي چوري شروع ڪئي ۽ واري واري سان مختلف وقتن تي ھي ٽولو مختلف منصوبا جوڙي سنڌوءَ جو پاڻي چوري ڪندو رھيو آھي.پنجاب 1959ع ۾ ورلڊ بئنڪ اڳيان جيڪي ڳوڙھا ڳاڙھا تن تي ورلڊ بئنڪ يقين جي پٽي ٻڌي ٻه ڊيم منگلا ۽ روھتاس پنجاب کي ٺاھي ڏيڻ جي آڇ ڪئي. سنڌ پنھنجي حصي جي پاڻيءَ جي جڏھن به گھُرَ ڪئي تڏھن کان چيو ويو ته "پاڻيءَ جي گھٽتائي آھي!” ۽ پنجاب ھوڏ تي رھي سمورن قانونن ۽ معاھدن کي پٺي ڏيندي پنهنجي مرضيءَ مطابق  پنهنجي حصي کان ڌيڪ پاڻي کڻندو رهيو، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جون سرسبز زمينون سڪنديون رھيون، سمنڊ زمينون لٽيندو اڳتي وڌندو رھيو.حڪمران ٽولو مڪمل طور تي عالمي ۽ ملڪي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي سنڌ سان ٻيائي ڪندو رھيو آھي، سنڌي عوام جي زندگين سان کيڏڻ سندن اھم مشغلو رھيو آھي، پنجاب رڳو سنڌوءَ جو پاڻي ئي نٿو چوري ڪري پر لڳ ڀڳ ڏيڍ صديءَ کان سنڌي ماڻھن جو معاشي قتلام ڪري رھيو آھي، سندن جيابو کسي رھيو آھي.

ھن وقت به پنجاب حڪمران ٽولو پنھنجي روايت  تي ھلندي گرين پاڪستان  منصوبي تحت سنڌ جون زرعي زمينون غيرآباد ڪرڻ جي مڪمل تيارين ۾ آهي .ان عمل خلاف سنڌ جو عوام مسلسل سخت احتجاج رهيو آھي ڇاڪاڻ جو سندن وجود تي ھي آخري وار آھي.

ھي جمھوري حڪومت آھي جنھن جا وزير ھھڙا بيان ٿا ڏين ۽ صدر زرداري جيڪو 8جولائي2024 تي پاڻ گرين پاڪستان انيشيٽو جي منصوبي تي سنڌو رياھ جو سودو ڪري وفاق کي ڏئي اچي ٿو پوءِ عوامي ردعمل تي عوام کي ٽوپي پارائيندي چوي ٿو مونکي به ڪئنال نامنظور آھن، اسين سنڌي عوام مطالبو ٿا ڪيون ته پيپلزپارٽي جا نمائندا جن کي عوام ھر واقعي کان باخبر ڪري ٿو اھي ھاڻي استعيفائون ڏئي گھر ڀيڙا ٿي ويھي رھن باقي سندن احمقاڪا بيان سندن پارٽي اندر پوزيشن کي صاف ظاھر ڪن ٿا.

ھڪ پاسي سڄي سنڌ ڪئنالن ۽ گرين پاڪستان  منصوبي کي مسلسل رد ٿي ڪري ٻي پاسي ڇھن ڪئنالن سان گڏ وفاقي حڪومت ٽي وڌيڪ ڪئنال ٺاھڻ لاءِ ھزارين ارب رپين جي بجيٽ تيار ڪري ورتي آھي. جن ۾ پاڪ پتن کي آباد ڪرڻ لاءِ ايم پي لنڪ ڪئنال ٺاھڻ لاءِ ھڪ ارب جڏھن ته پاڪ پتڻ اسلام لنڪ ڪئنال جي اڏاوت لاءِ 70 ڪروڙ رپيا بجيٽ ۾ رکيا ويا آھن، ٽوبا ٽينڪ سنگهه کي وَسائڻ لاءِ تريمو لنڪ ڪئنال ڪڍيو ويندو جنھن لاءِ 22 ڪروڙ رپيا مختص ڪيا ويا آھن.

ان کان علاوه حڪومتِ پنجاب ڪئنالن جي ري ماڊلنگ لاءِ به اربين روپيا مختص ڪيا آھن جنھن کي مڪمل ٿيڻ جي منصوبابندي 2027ع تائين ڪئي وئي آھي ھنن سمورن منصوبن ٺاھڻ سان سنڌ کي مڪمل طور ريگستان ٺاھڻ جي تياري ٿي رھي آھي، ڇو ته انھن منصوبن ۾ استعمال ٿيندڙ پاڻي سنڌوءَ مان ئي کنيو ويندو جيڪو سنڌين جو پيٽ ڪٽي انھن منصوبن کي تيار ڪرڻ لاءِ منظور ڪيو ويو آھي، اسين سمجھون ٿا ته ھي تاريخي ويساھ گهاتي آھي ست ڪروڙ سنڌين جي معاشي، ثقافتي، اقتصادي ، تھذيبي ۽ احساساتي آهي.ماھرن مطابق اھا  ڳالهه رڪارڊ تي آھي ته سنڌوءَ جو موجودھ پاڻي ايترو آھي ئي ڪونه جو ان منجھان ڪي ڊيم يا ڪئنال ٺاهيا وڃن ۽ پراجيڪٽس ھلايا وڃن، تنھن ڪري  عالمي ۽ ملڪي قانون جي پيروي ڪندي سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي.

اڄ پاڻيءَ جي عالمي ڏينھن تي اسين پنهنجي درياھ ۽ پنھنجي ڌرتي ماتا سان وچن ورجايون ٿا ته ھيءَ وجود جي بقا جي جنگ تيسين جاري رھندي جيسين سنڌوءَ جو پاڻي سنڌين جو جياپو قانوني ۽ قدرتي طور تي سنڌين کي نٿو ملي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.