ڪڪڙ(ن ع آ) ڪڪڙ ۾ وياج جا پئسا نه ڏيڻ تان هٿياربندن نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، جمالي ۽ جنجھه برادري جي ٻن ڌرين وچم وياج جي پئسن تان جهيڙو ٿي پيو. غلام مصطفيٰ جمالي جي ڌر پاران 40 کانمٿي هٿياربند وٺي واپاري مختيار جنجهھ جي دڪان تي حملو ڪري هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا. فائرنگ سبب هڪ ڄڻو نوجوان حاجي معشوق جنجھه ٿڏي تي ئي مارجي ويو جڏهن ته 2 واٽھڙو نوجوانن بلاول سمون ۽ رياض ڪولاچي گوليون لڳڻ ڪري زخمي ٿي پيا، جن کي ڪي اين شاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو. قتل ٿيل معشوق جنجھه جو لاش جي ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو ته وارثن مختيار علي جنجهھ ، اصغر علي ، شفيع محمد ، منٺار علي ، منظور علي ، نظام الدين سميت ٻين سوين ماڻهو انڊس ھاءِ وي روڊ تي شاميانا هڻي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. 5 ڪلاڪ مسلسل ڌرڻي سبب لاڙڪاڻي کان ڪراچي ويندڙ مسافر گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ان موقعي تي اناج جي واپاري مختيار جنجھه چيو ته غلام مصطفي جمالي کان اسان جي برادري جي نوجوان رياض علي ۽ امداد جنجهھ وياج تي 50 ھزار رقم ورتي بدلي بعد اسين 3 لک ڏئي چڪا آھيون پر اڃا چئي ٿو ته وڌيڪ پئسا ڏيو. وياج جي رقم نه ڏيڻ تان جمالي برادري جي غلام مصطفي جمالي امان الله محمد بچل الطاف ، ممتاز ، آندل ، شمن جمالي ، ڪرم خان جمالي سميت 40 کان وڌيڪ ھٿياربندن وچ شھر ۾ دڪان تي حملو ڪري منھنجي سوٽ حاجي معشوق جنجھه کي ھڻي قتل ڪيو. پوليس قاتلن سان ٻٽ بڻيل آھي انھي خلاف ڪاروائي ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناھي. ڪڪڙ ٿاڻي تي مقتول معشوق جنجھه جي سوٽ مختيارجنجهھ جي فرياد تي جمالي برادري جي 13 ڄاتل جوابدارن غلام مصطفي جمالي امان الله جمالي محمد بچل جمالي، الطاف جمالي، ممتاز، آندل، ڪرم خان جمالي، وزير جمالي، زبير جمالي، پرويز جمالي، رسول بخش جمالي لطيف ۽ ٻين تي ڪيس داخل ڪيو ويو. 5 ڪلاڪن تائين لڳل ڌرڻي وٽ ڪي اين شاهه جو ڊي ايس پي سرفراز منگي ۽ ايس ايڇ او ڪڪڙ پھچي ٽن ڏينھن تائين قتل ڪيس ۾ سمورا جوابدار گرفتار ڪرڻ جي خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو آھي .