ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي تعليم کاتي جي اهتمام هيٺ، ٻوڏ متاثر اسڪولن جي بحاليءَ بابت ٿيل ترقياتي ڪانفرنس ۾ صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه خاص مهمانِ طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سيڪريٽرياسڪول ايجوڪيشن سنڌ زاهد علي عباسي، آر ايس يو جي چيف پروگرام مئنيجر ڊاڪٽر جنيد سمون، ڊي جي پي ڊي آر عبدالقدير انصاري، يونيسيف جي ايجوڪيشن مئنيجر ابير مقبول ۽ ٻين ڊونرز ۽ اسٽيڪ هولڊرز جي نمائندن شرڪت ڪئي. سيد سردار علي شاهه چيو ته ٻوڏ اسان کي ڪيترين ئي خامين جي نشاندهي پڻ ڪرائي آهي. اسڪولن جي بحاليءَ جي سفر ۾ سڀ کان ضروري آهي ته عمارتن کي ماحولياتي تحفظ ڏنو وڃي، ۽ شاگردن لاءِ محفوظ عمارتون تعمير ڪيون وڃن. هن وڌيڪ چيو ته اسان کي اڃا به 14,524 اسڪولن جي تعمير لاءِ 180.6 ارب رپين جي ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته بلاول ڀٽو زرداري جي ڪوششن سان پاڪستان ۾ ڊونرز ڪانفرنس منعقد ٿي، جتي عالمي برادري بحاليءَ لاءِ واعدا ڪيا ۽ جيڪي ملڪ ڪاربان جي اخراج جا ذميوار آهن، انهن کي پنهنجي ذميواري نڀائڻ گهرجي،هن چيو ته هاڻ فنڊز سڌو اسڪولن کي ڏنا ويندا