ڌيءُ کي زيادتي ڪري ڳورهاري بڻائيندڙ درندي کي 25 سال ٽيپ

ڪراچي(  رپورٽر) ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن سينٽرل جي عدالت سڳي ڌيءَ سان زيادتي ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار پيءُ کي 25 سال قيد ۽ ٻه لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، عدالت  ڌمڪيون ڏيڻ تي وڌيڪ 7 سال قيد جي به سزا ٻڌائي، پراسيڪيوٽر حنا ناز چيو ته 2020 ۾ جوابدار پنهنجي گهر ۾ ڌيءُ کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو، ڌيءُ پنهنجي ماء کي سمورو واقعو ٻڌايو پر ان تي ڪو به ايڪشن نه کنيو ويو، جوابدار ڪيترائي ڀيرا ڌيءُ سان جنسي زيادتي ڪئي, ڪجهه مهينن بعد متاثر ناري ٻار کي جنم ڏنو, ناريء پنهنجي ماء کي ٻڌايو هن پنهنجي مڙس تي تشدد ڪيو, متاثر ناري فيس بڪ تي دوستي دوران وارث نالي شخص کي سڀ ڪجهه ٻڌايو، وارث سڀ ڪجهه ٻڌڻ بعد ناري سان شادي ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويو, شادي بعد ناري پنهنجي مڙس وارث سان گڏ جوابدار پيءُ خلاف ڪيس داخل ڪرايو،متاثر ناري عدالت ۾ پنهنجي بيان ۾ پيءُ کي ڏوهاري قرار ڏنو, عدالت چيو ته جوابدار خلاف ڊي اين اي رپورٽ ۾ به ثابت ٿيو، جوابدار خلاف نيو ڪراچي ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪرايو ويو هو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.