جيڪب آباد (رپورٽ: حضور بخش سومرو) ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي حد ڳوٺ حاجي پنھل خان لاشاري ۾ 9 سالن جي نينگرسان مبينا اجتماعي بدفعلي ڪرڻ بعد جوابدار کيس بيهوشي حالت ۾ فصل ۾ اڇلائي ويا، جنهن بعد کيس تعلقه اسپتال ٺل ۾ داخل ڪيو ويو، سندس والد عبدالغني لاشاري ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته نينگر سان زيادتي ٿي آهي، جوابدار لکمير انڙ، سدورو انڙ سميت ٽن جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪرايو آھي، ايس ايڇ او محمد ايوب ڊوگر موجب ايس ايس پي صدام حسين خاصخيلي معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جنهن بعد جوابدارن جي گهرن ۽ مختلف هنڌن تي ڪارروائيون ڪري هڪ جوابدار سدورو خان پٽ امير بخش انڙ کي گرفتار ڪيو آھي.