پنجند وٽان سنڌ ڏانهن ايندڙ پاڻي بند،سکر وٽ 70 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ

ڪراچي(رپورٽ:خداڏنوشاھ)سنڌ ۾ پاڻي جي بدترين کوٽ پيدا ٿي مجموعي طور تي 57 سيڪڙو ۽ رڳو سکر بئراج تي 70 سيڪڙو تائين پهچي ويئي,جڏهن ته ارسا پنجاب کي کنڌي تي ۽ سنڌ کي ڪٽوتي ڪرڻ باوجود چشما بمراج کان پاڻي ڏيئي رهيو آهي، دريائي وهڪرا رڪارڊ لاٿ طرف وڃي رهيا آهن,روزاني عوامي آواز کي مليل دستاويزي ثُبوتن توڙي سرڪار ۽ آبادگار ذريعن کان مليل معلومات موجب سنڌ ۾ پاڻي جي مجموعي کوٽ 57 سيڪڙو تائين پهچي ويئي آهي جيڪا هاڻ اپريل جي پهرين ڏينهن ۾ 70 سيڪڙو تائين پهچڻ جو چٽو امڪان آهي ڇاڪاڻ ته ملڪي دريائي وهڪرن ۾ لاڳيتو پاڻي ۾ اضافي بدران گهٽتائي اچي رهي آهي. سنڌ جي مقرر حصي 37 هزار 700 ڪيوسڪ جي جاء تي ان مان 41 سيڪڙو پاڻي جو ڪٽ هڻي فقط 22 هزار 300 ڪيوسڪ پاڻي سو به چشما بئراج وٽان ڏنو پيو وڃي جيڪو لڳ ڀڳ پوڻا ڇھ سئو ڪلوميٽر جي فاصلي کان پوء چورين ۽ لائين لاسز سبب گڊو بئراج تي پهچڻ ۾ مسلسل گهٽجي رهيو آهي جنهن ڪري سنڌ ۾ اپريل جي پهرين ڏهي ۾ پاڻي کوٽ هاڻ 70 سيڪڙو تائين پهچڻ جا واضع امڪان آهن. سنڌو درياھ جو وهڪرو تربيلا ڊيم اپ اسٽريم وٽ 20 هزارن مان گهٽجي 17 هزار 100 ڪيوسڪ تائين پهتو آهي جتان تربيلا ڊائون اسٽريم ۾ 16 هزار 9 سئو ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو آهي پاڻي جي بدترين کوٽ باوجود ارسا پنجاب جي حصي ۾ لائين لاسز ۽ چوري کي شامل ڪرڻ بجائي سندس حصو ڪٽوتي بعد کنڌي تي ڏيئي رهيو آهي جڏهن ته پنجاب چوري ۽ لائين لاسز ۾ ڀائيواري کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي جنهن جو نقصان سڌي ريت سنڌ کي ٿي رهيو آهي.  پاڻي کوٽ باوجود پنجاب سنڌو درياء مان ٿل ڪئنال ۾ 3 هزار ڪيوسڪ چشما رائيٽ بينڪ ۾ 3 هزار 867 ڪيوسڪ پاڻي کڻڻ باوجود جهلم ندي جو منگلا ڊيم ۾ روزاني 3000 هزار ڪيوسڪ جمع ڪري بقايا 15 هزار 600 ڪيوسڪ پاڻي استعمال ڪري رهيو آهي ۽ سنڌ کي پنجند کان ملندڙ پاڻي مڪمل بند ڪري ڇڏيو آهي,ارسا ۽ پنجاب جي هٺ ڌرمي سبب پنجاب سنڌو درياء تان پاڻي کڻڻ باوجود جهلم جو سڀ پاڻي کڻي رهو آهي هوڏانهن ارسا ۾ سنڌ جي نمائندي احسان لغاري توڙي آبپاشي کاتي واري سيڪريٽري ظريف کيڙي سان رابطو ڪري موقف معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ته سندن نمبر لاڳيتو بند مليا. ٻئي طرف سنڌ آبادگاربورڊ جي ترجمان اسلم نواز مري روزاني عوامي آواز کي ٻُڌايو ته ارسا ۾ سنڌ جي نمائندي جي خاموشي آبپاشي واري سيڪريٽري جي دلچسپي نه وٺڻ ۽ سنڌ سرڪار جو پاڻي معاملي کان پري هجڻ سنڌ کي لاڳيتو نقصان ڏيئي رهيو آهي جنهن ڪري پنجاب مرضي موجب منگلا ۾ پاڻي جمع پيو ڪري جتان سنڌ جو ڪو فائدو ٿيئڻون ئي ناهي مٿان وري چناب ۾ پاڻي جا وهڪرا بهتر ٿيئن ٿا ته اهو سڀ پاڻي پنجاب کڻيو وڃي جنهن جو ڪو حساب ڪتاب ئي ناهي ته ٻي طرف پنجاب سنڌو درياھ تان به کنڌي تان مرضي موجب پاڻي کڻي ٿو پر سنڌ جو وڏو نقصان ٿي رهيو آهي افسوس ان ڳالھ جو آهي ته وڏو وزير مراد علي شاھ به خاموش آهي

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي، سکر بئراج تي مسلسل پاڻيءَ ۾ لاٿ سبب ڪوٽڙي بئراج تي پيئڻ جو پاڻي پورو ڪرڻ به آبپاشي کاتي جي لاءِ وڏو امتحان بڻجي ويو آهي. ڪالهه 20 مارچ تي سنڌ جي پاڻي انڊينٽ کان 38 هزار ڪيوسڪ پاڻيءَ جا انگ اکر ظاهر ڪيا ويا آهن، پر اهو پاڻي پاڻي گڊو بئراج تائين 20 هزار ڪيوسڪ تائين رڪارڊ ڪيو ويو، پاڻي انڊينٽ کان گڊو بئراج تائين 18 هزار ڪيوسڪ پاڻي گهٽ آيو، جڏهن ته گڊو بئراج جو هيٺاهون وهڪرو 16 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، اهڙي طرح سکر بئراج جو مٿاهون وهڪرو 15 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو رڳو 6 هزار ڪيوسڪ وڃي بچيو آهي، ڪوٽڙي بئراج تي مٿاهون وهڪرو 5 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، دادو مورو پل 112.3 فٽ، منڇر ڍنڍ ليول 111.4 فٽ، آمري پل گيج 90.0 فٽ، ڪينجهر ڍنڍ ليول 45.0 فٽ، چوٽياري ڊيم 15.0 فٽ آهي، جڏهن ته ريني ڪئنال، بيگاري سنڌ فيڊر ۽ رائس ڪئنال بند مڪمل طور تي بند پيل آهن، گهوٽڪي فيڊر 21 سئو، ڊزرٽ پٽ فيڊر 19 سئو، گڊو مان بلوچستان جي کڻت 19 سئو ڪيوسڪ، کير ٿر ڪينال هڪ هزار ڪيوسڪ، سکر مان گڙنگ بلوچستان کڻت 2 سئو ڪيوسڪ، دادو ڪينال 400 ڪيوسڪ، نارا ڪينال 3 هزار 2 سئو ڪيوسڪ، روهڙي ڪينال 3 هزار 2 سئو ڪيوسڪ، خيرپور 5 سئو ڪيوسڪ، خيرپور ويسٽ 7 سئو ڪيوسڪ، اڪرم واهه 8 سئو ڪيوسڪ، ڪلري بگهاڙ فيڊر 2 سئو ڪيوسڪ، پنڃاري ڪينال 9 سئو ڪيوسڪ ۽ ڦليلي گوني تي 11 سئو ڪيوسڪ پاڻي رڪارڊ ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.