ڪراچي:ارسا ۾ سنڌ جي نمائندي احسان لغاري استعيفا ڏيڻ بابت ساٿي انجنيئرن سان صلاح مشهورا ڪري ڇڏيا آهن، سرڪاري ذريعن موجب ارسا ۽ پنجاب جي ڳٺ جوڙ توڙي سنڌ کي لفٽ نه ڪرائڻ سبب ارسا ۾ سنڌ جي نمائندي احسان لغاري ارسا مان استعيفا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي ذريعن موجب ان حوالي سان هن سنڌ سرڪار توڙي پنهنجي حلقي جي ويجهن انجينئر دوستن سان صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ ان ڳالھ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته احسان لغاري جلد ارسا کي الوداع ڪري ايندو.