اسلام آباد(اعزازسيد/آصف بشير چوڌري) حڪومت جي ميگا ڪرپشن جو اسڪينڊل سامهون آيو آهي جنهن جي ڪري عام واهپيدار جي کنڊ جي في ڪلو تي 65 روپيا اضافي پئجي رهيا آهن.ان کان پوءِ حڪومت وڌيڪ 25 روپيا في ڪلو وڌائي ڇڏي آهي،پاڪستان اندر وافر مقدار ۾ کنڊ موجود هئي.ڪابينا کان سرڪيوليشن ۾ هڪ سمري پاس ڪرائي وئي ته پاڪستان ۾ کنڊ وافر پيدا ٿي آهي ان کي ايڪسپورٽ جي اجازت ڏني وڃي.ساڍا 7 لک ميٽرڪ ٽن کنڊ ٻاهر موڪلي وئي.هن وقت پاڪستان اندر 175 روپين کان 200 روپين تائين في ڪلو کنڊوڪرو ٿي رهي آهي.جيڪا سڌي ريت 65 روپيا غريب واهپيدار جي کيسي تي ڌاڙي برابر آهي.حڪومت ذميواري کڻڻ کان انڪاري آهي اها ان جي ذميواري هئي ته ايڪسپورٽ وقت ان معاملي کي نظر ۾ رکي ها ته ڪا کوٽ پيدا نه ٿئي. هڪ ڪميٽي موجود هئي جنهن جي ذميواري هئي ته ڏسي ڪيتري خام کنڊ ۽ ڪيتري تيار کنڊ موجود آهي.هاڻي ٽاسڪ فورس اسحاق ڊار جي سربراهي ۾ جڙيو آهي جنهن خوشخبري ڏني آهي ته کنڊ 159 روپيا في ڪلو وڪرو ٿيندي.جنهن جو سڌو مطلب 25 روپين جي ڌاڙي کي ريگيولرائز ڪيو ويوآهي.حڪومت جي غلط فيصلي جي ڪري عام واهپيدار ڀوڳيندو. اگر هن معاملي جي پڙتال ٿي ته ڪابينه جا ماڻهو به ان ۾ گهلبا.مل مالڪ به ان ۾ ڦاسندا پر مل مالڪ هڪ مافيا آهن جن ۾ وڏا وڏا نالا شامل آهن تنهن جي ڪري ڪا به ڪارروائي نه ٿيندي. هي اتحادي حڪومت جو ميگا ڪرپشن اسڪينڊل آهي. جنهن جو ڪيس نيب ۾ هلڻ گهرجي. هڪ ته توهان ايڪسپورٽ جي اجازت ڇو ڏني. ٻي ان وقت ان تي نظر ڇو نه رکي ته ڪيتري گهرج ملڪ کي رهندي. قيمت نه وڌڻ جي خاطري ڪرائي وئي هئي. پر هاڻي 159 روپيا اگه رکي عام ماڻهن جي مٿان جبر ڪيو ويوآهي.
کنڊ جا ٻه اگهه مقرر ڪرڻ لاءِ مل مالڪ خواهشمند، 159 رپيا في ڪلو تي مهيني لاءِ راضي
اسلام آباد(بيورورپورٽ/م ڊ) گذريل ڏينهن نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي زير صدارت ۾ چيني جي قيمتن ۾ واڌ بابت ٿيندڙ اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون آئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ شوگر ملز مالڪن ڪمرشل واهپيدارن لاءِ ڌار قيمت مقرر ڪرڻ جي موقف تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار نه ٿيا ۽ کنڊ جي ايڪس مل قيمت 159 رپيا صرف هڪ مهيني لاءِ مقرر ڪرڻ تي مشڪل سان رضامند ٿيا. ذريعا ٻڌائين ٿا ته شوگر ملز مالڪن کنڊ جا 2 اگهه مقرر ڪرڻ چاهيندا هئا، پر حڪومتي ٽيم مطابق کنڊ جا 2 اگهه مقرر نٿا ڪري سگھجن. هن حوالي سان شوگر ملز مالڪن چيو ته گھريلو صارفين لاءِ سستي ۽ ڪمرشل لاءِ مهانگي کنڊ فراهم ڪئي ويندي، جڏهن ته هن سال ڪمند جو اگهه 700 کان 750 رپيا في مڻ ادا ڪيو ويو. حڪومتي ٽيم جو موقف آهي ته آبادگار کي ڪمند جي قيمت 350 رپيا في مڻ ادا ڪئي وئي، پوءِ ڪيئن اهو يقيني بڻايو ويندو ته منڊي ۾ گھريلو صارفين لاءِ فراهم ڪيل کنڊ صرف گھريلو صارفين تائين پهچي؟ حڪومتي ٽيم چيو ته منڊي وارا گھريلو صارفين لاءِ فراهم ڪيل کنڊ ڪمرشل اگهن تي شربتون ٺاهيندڙن ۽ بیڪرين کي وڪڻندا، جنهن سان مارڪيٽ ۾ کنڊ جي کوٽ پيدا ٿيندي، جنهن سبب اگهه وڌندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته اختلافن بعد هن معاملي تي ٻيهر اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويندو ۽ کنڊ جي قيمت بابت ايندڙ اجلاس عيد کان جلد پوء گهرائڻ جو ارادو آهي. حڪومت جنهن شگر ملن کان کنڊ جو اگهه 140 رپيا في ڪلو جو يقين ڏياريو هو، ان تي پاڻ ئي کنڊ جو اگهه 159 رپيا في ڪلو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار شگر مل مالڪن سان ملاقات ڪئي ۽ سندن مسئلا ٻڌڻ کانپوءِ ميڊيا کي ٻڌايو ته هاڻي کنڊ 164 رپيا في ڪلو عام صارف کي ملندي. هن چيو ته کنڊ جي قيمتن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ ٻي ذيلي ڪميٽي جوڙي وئي آهي، هن چيو ته 214 سستي مارڪيٽن ۾ سستي کنڊ 130 رپيا في ڪلو ملي ٿي.
سٽو کيڏڻ سبب کنڊ مهانگي ٿيڻ جو انڪشاف
اسلام آباد: کنڊ تي سٽو هلڻ سبب اگهه وڌڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. شگر ملن جي ڊليوري آرڊر تي شگر ڊيلرز جي شرطن سبب کنڊ مهانگي ٿي وئي. وزيراعظم جي هدايتن تي ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ 3 وفاقي ادارن جي گڏيل ٽيمن پاران شگر مافيا خلاف سخت ڪريڪ ڊائون سبب کنڊ جي اگهن ۾ وڏي گهٽتائي ٿي آهي. ان ڪارروائي ۾ ملوث حساس اداري جي آفيسر انچارج موجب ايف آءِ اي، ايف بي آر ۽ انٽيليجنس بيورو 2 ڏينهن اڳ شگر مافيا خلاف گڏيل ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ۽ هول سيل شگر ڊيلرن کي گرفتار ڪيو ويو.
ذريعن موجب ان حوالي سان ڪا به باضابطه گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي پر ڇاپن دوران شگر مافيا گوڏا کوڙي ڇڏيا ۽ فوري طور کنڊ جو اگهه گهٽجڻ شروع ٿي ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته کنڊ ڊيلرن پاران شگر ملن جي ڊليوري آرڊر تي شرط رکڻ سبب کنڊ جي قيمت ۾ واڌ ٿي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته جڏهن ته کنڊ جي هول سيلرن کي فيبروري ۾ شگر ملن کان ايڊوانس ڊليوري آرڊر مليا هئا پر ڪمند جو اسٽاڪ شوگر ملن وٽ ئي رهيو جڏهن ته ايجنٽن اهي ڊليوري آرڊر ڪيترن ئي ايجنٽن کي وڪرو ڪيا.
رمضان ۾ کنڊ جا اگهه ڏسو، حڪمران کنڊ چور آهن:عمرايوب
پشاور(م ڊ)مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته خيبرپختونخوا حڪومت ڪنهن آپريشن جي اجازت ناهي ڏني، نيشنل ڪميٽي جو اجلاس غيرموثر ٿي ويو،مسئلن جو حل رڳو ڳالهيون آهن،پشاور هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مون تي بسڪٽ چوري جو الزام هنيو ويو آهي،رمضان ۾ کنڊ جا اگهه ڏسي وٺو، گذريل سال چيو ويو ته کنڊ وڌيڪ آهي، برآمد ڪيو،هاڻي رمضان ۾ کنڊ جي کوٽ ٿي ويو آهي، هي کنڊ ۽ خزاني چور آهن
حڪومت مل مالڪن کي فائدو ڏيڻ لاءِ کنڊ مهانگي ڪئي آهي: مفتاح
ڪراچي(م ڊ) ناڻي واري اڳوڻي وزير ۽ پاڪستان عوام پارٽي جي اڳواڻ مفتاح اسماعيل، بجلي ۽ کنڊ جي اگهن ۾ وڌيڪ واڌ جي اجازت ڏيڻ تي وفاقي حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 6 مهينا اڳ حڪومت 50 کان 60 لک ٽن کنڊ برآمد ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي، ته جيئن سنڌ ۽ پنجاب جي شوگر مل مالڪن کي ڊالرز ۽ ريليف ملي سگهي، شهباز شريف صاحب کان پڇڻ چاهيان ٿو ته کنڊ برآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪنهن جي دٻاءُ تي ڪيو ويو؟، پاڪستان ۾ بجلي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ مهانگي آهي.