چولستان ڪئنال تي ڪم اڃا شروع ناهي ٿيو،پنجاب ستلج ۾ پاڻي ڪٿان آڻيندو:ارسلان شيخ

ڪراچي(رپورٽر) ميئر سکر ارسلان اسلام شيخ چيو آهي ته سکر بئراج ۾ پاڻيءَ جي 55 سيڪڙو گهٽتائي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، سنڌ کي اڳ ۾ ئي 17 سيڪڙو گهٽ پاڻي مليو آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ مختلف نهري منصوبا بغير ڪنهن مناسب منظوريءَ جي شروع ڪيا پيا وڃن، ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي  هن چيو ته سنڌ تي ڪينجهر ڍنڍ جي پاڻيءَ جي کوٽ جو به سخت اثر پئجي رهيو آهي، جنهن سان ڪراچيءَ کي ملندڙ پاڻي وڌيڪ گهٽجي رهيو آهي. ارسلان شيخ پنجاب ۾ چولستان ۽ گريٽر ٿل ڪينال منصوبن تي سخت اعتراض ڪندي چيو ته اهي منصوبا سي سي آءِ (ڪائونسل آف ڪامن انٽرسٽ) جي منظوريءَ کان سواءِ اڳتي نٿا وڌي سگهون. هن چيو ته  وفاقي حڪومت سي سي آءِ جو اجلاس 90 ڏينهن اندر گهرائڻ جو واعدو ڪيو هو، جيڪو اڃا تائين پورو نه ٿيو آهي. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سنڌ جي پاڻيءَ جي حقن تي سمجهوتو ڪيو ويو ته پيپلز پارٽي عوامي عدالت ۽ آئيني فورمز تي وڃڻ کان پاسو نه ڪندي،هن چيو ته چولستان ڪئنال تي ڪم اڃا شروع ناهي ٿيو،زين شاهه خبر ناهي ڪهڙي ڪئنال تان ٿي آيو آهي،پ پ ان ڪئنال جي حمايت ناهي ڪئي، پنجاب حڪومت ان رٿا لاءِ 218 ارب رپيا رکيا آهن،اها رٿا ايڪنڪ مان منظور ناهي ٿي،هن چيو ته سنڌ جي صحافين کي چولستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏيان ٿو،پنجاب چولستان کي آباد ڪرڻ لاءِ ستلج ۾ پاڻي ڪٿان آڻيندو؟سنڌ کي في الحال 6 ڪئنالن تي خدشا آهن،سڀ کان وڌيڪ تڪرار چولستان ۽ ٿل ڪئنالن تي آهي،هن چيو ته اسان گرين انيشيئٽو ۽ پاڪستان جي ترقي جي خلاف ناهيون،اسان مريم نواز کي ٿر جي دوري جي دعوت ڏيون ٿا ٿر جا به اهي مسئلا آهن جيڪي چولستان جا مسئلا آهن،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.