سڄي سنڌ ۾، سنڌو تي ڪئنالن ٺاهڻ جي خلاف جدوجهد شروع ٿي چڪي آهي. جيڪا هاڻ تيز ٿيندي پئي وڃي. سنڌ واسين جو هڪ ئي آواز بلند ٿي رهيو آهي ته، اهي ڪئنال نامنظور آهن ۽ انهن کي سنڌ جو عوام رد ڪري ٿو. سنڌ جو عوام انهن جي خلاف سراپا احتجاج بنيل آهي. پر، سنڌ حڪومت، ڪئنال ٺاهڻ واري حقيقت کان انڪار ڪري رهي آهي. اهو، ڪونه پيو مڃيو وڃي ته، ڪي ڪئنال سنڌو درياءَ تي ٺهي رهيا آهن. ان سلسلي ۾ پ پ پ اڳواڻن جا مختلف بيان سامهون آيا آهن. تازو مسٽر سالم زرداري هڪ بيان ۾ چيو آهي ته، ڪئنال ڪونه پيا ٺهن. اهو، ڪوڙ آهي جيڪڏهن اهي ٺهن پيا ته مونکي هلي ڏيکاريو ته، آئون ڪم بند ٿو ڪرايان. سندس اهو بيان ميڊيا تي اچي چڪو آهي. ٻئي ڏينهن ساڳئي شخصيت ماڻهن کي گڏ ڪري نعرا هڻائيندي نظر آئي ته سنڌو تي ڪئنال نامنظور، نامنظور. جڏهن صاحب موصوف هڪ ڏينهن چوي ٿو ته ڪئنال ڪونه ٿا ٺهن ته ٻئي ڏينهن وري نعرا هڻائي ڪئنالن جي مخالفت ڪري ٿو. اهو ٻٽو معيار آهي. سمجهه ۾ اچي ٿو ته، ڪئنال ٺهن پيا. جنهن ڪري نعرا هڻي انهن کي رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس. جڏهن ڪئنال ڪونه ٿا ٺهن ته پوءِ نعرا هڻڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. سندس بيان منجهائيندڙ آهن ۽ عوام کي بيوقوف ڪرڻ جي هڪ ڪڙي آهن. هاڻ ڪهڙي ڳالهه ۾ صداقت ۽ سچائي آهي. تنهن باري ۾ هر ماڻهو بخوبي واقفيت رکي ٿو. عوام ڀلي ڀت ڄاڻ رکي ٿو. پوءِ کين سنڌ واسين کي گمراهه نه ڪرڻ گھرجي.
ويجهڙ سنڌ جي وزير اعليٰ سيد مراد علي شاهه به چيو هو ته، سنڌو درياءَ تي ڪوبه ڪئنال ڪونه پيو ٺهي. اها ڳالهه کڻي قبول ڪجي ته، سنڌو درياءَ تي ڪوبه ڪئنال ڪونه پيو ٺاهيو وڃي. اهڙي تصديق صوبي سنڌ جو وڏو وزير ڪري رهيو آهي. جنهن کان انڪار ڪري نه ٿا سگھون. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ به چيو آهي ته، سنڌو درياءَ تي ڪوبه ڪئنال ڪونه ٺاهيو پيو وڃي. هن وڌيڪ اعلان ڪندي چيو آهي ته، عيد کان پوءِ، صحافين کي چولستان موڪليو ويندو. جيئن خبر پئي ته ڪئنالن ٺاهڻ جو ڪم هلي پيو يا نه. سنڌ حڪومت جا ٻيا به ڪيترائي وزير ۽ مشير ساڳيو بيان ڏيندا رهن ٿا ۽ پنهنجي پارٽي جو موقف به ٻڌائيندا رهندا آهن. ته، پ پ پ ڪئنالن ٺاهڻ جي خلاف آهي. سنڌو درياءَ تي ڪوبه ڪئنال ڪونه پيو ٺهي ۽ نه وري اهو ٺاهڻ به ڏينداسون. هڪ طرف اها ڳالهه چئي پئي وڃي ته ٻئي طرف سنڌ اسيمبلي ۾ به قراداد پاس ڪري ڪئنالن جي مخالفت ڪئي ويئي آهي. جڏهن پهريان چيو ويو ته، ڪوبه ڪئنال ڪونه ٿو ٺاهيو وڃي ته پوءِ حڪومت کي قرارداد پاس ڪرائڻ جي ڪهڙي ضرورت ٿي. سندن چوڻ موجب ڪابه شيءِ ٺهئي ڪونه ٿي ته پوءِ قرارداد پاس ڪرڻ اها به عوام کي گمراهي ڏني پئي وڃي. عوام کي بيوقوف بنايو پيو وڃي. اصل حقيقت کي لڪايو پيو وڃي. جنهن ڪري عوام ۾ وڌيڪ شڪ ۽ شهبا پيدا ٿي رهيا آهن. مونجهارا پيدا ڪيا پيا وڃن. جڏهن ته سنڌ جا گھڻا تڻا ماڻهو مظاهرا ڪندا وتن ۽ ڪئنالن جي منصوبي کي رد ڪري چڪا آهن. سڄي قوم احتجاج پئي ڪري ۽ روڊن، رستن تي نڪتل آهي. پر، سنڌ حڪومت انهن احتجاجن کي گھٽائڻ ۽ ختم ڪرڻ لاءِ حقيقتن تان پردو ڪونه ٿي کڻي. حقيقتون لڪائي رهي آهي. ائين ڪرڻ سان سنڌ واسي خاموش ٿي ڪونه ويهندا. پر، ويتر مظاهرن ۾ تيزي ايندي ويندي جيڪا ملڪ جي مفاد وٽان ڪونه هوندي. جنهن ڪري اها وقت جي ضرورت آهي ته، عوام کان ڪابه ڳالهه لڪائي نه وڃي. پر، اصل صورتحال کان آگاهه ڪيو وڃي. عوام کي اعتماد ۾ وٺڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي.
ياد رهي ته، پاڪستان پيپلس پارٽي جي قيادت نون ڪئنالن جي باري ۾ چئي ٿي ته ڪوبه ڪئنال ڪونه ٿو ٺهي ته ٻئي طرف مڃين به ٿا ته ڪئنال ٺهي رهيا آهن. جنهن ڪري، انهن جي مخالفت ۾ قرارداد پاس ڪئي آهي ۽ ڪئنالن جي خلاف بيان ڏيئي رهيا آهن. خود، صدر صاحب به پنهنجي تقرير ۾ چيو هو ته آئون ڪئنال ٺاهڻ جي حمايت ۾ ڪونه آهيان. يعني سندن ڪوبه چٽو موقف ڪونه آهي. جيڪو موقف آيو آهي سو منجهيل ۽ ڌنڌلو لڳي ٿو. ان کي ئي ٻٽو معيار چيو وڃي ٿو. هڪ طرف اها صورتحال آهي ته، ٻئي طرف اهو به ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته، گرين انيشيٽو منصوبي تحت چولستان جون زمينون آباد ڪرڻ لاءِ، صدر آصف علي زرداري جي منظوري کان پوءِ 8 جولاءِ 2024ع کان ڇهن نون ڪئنالن جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. جيڪو تيزي سان جاري آهي. ان ڪم جو وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿينديون رهن ٿيون. هاڻ انهن وڊيوز جي سچائي جي به تصديق ٿي چڪي آهي. سنڌ جو جاکوڙي ڪردار ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو صدر سيد زين شاهه به انهن ڪئنالن جي هلندڙ ڪم واري هنڌ پهتو آهي. جنهن اها تصديق ڪئي آهي ته چولستان ڪئنال جو ڪم تيزي ۽ زور شور سان هلي رهيو آهي ۽ ڪئنالن جي ڪم جي هڪ وڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي رکي اٿس. ان ذريعي عوام کي آگاهي ڏني اٿس ته، سنڌو تي ڌاڙو لڳي چڪو آهي. نوان ڪئنال ٺهي رهيا آهن. انهن ڪئنالن ٺاهڻ لاءِ جديد قسم جي مشينري استعمال ڪئي پئي وڃي. اها وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ، پ پ پ جا اڳواڻ بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويا آهن ۽ ان وڊيو کي اسان جا حڪمران تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ئي ڪونه آهن. ان جي خلاف بيان بازي ڪري رهيا آهن ۽ وڏي واڪي چئي رهيا آهن ته ڪوبه ڪئنال ڪونه پيو ٺهي. صرف ماڊل ٺاهيو ويو آهي. جنهن کي سچ نه سمجهيو وڃي. جنهن مان سمجهه ۾ اچي ٿو ته، حڪمران سچا آهن. وڌيڪ سياڻا ۽ سمجهدار آهن. انهن جي اڳيان عوام بيوقوف، بي سمجهه ۽ اٻوجهه آهي. جنهن کي زماني جي ڪابه خبر ڪونه آهي. سڀ خبر حڪمرانن کي ئي آهي. ان سوچ تي افسوس ٿئي ٿو. عوام نسورو ڪوڙ هڻي رهيو آهي. هروڀرو احتجاج ڪندو وتي ۽ پنهنجي توانائي ضايع ڪري رهيو آهي. حڪمران عوام کي ڌوڪو ڏيئي رهيا آهن. گمراهه ڪري رهيا آهن. ۽ بيوقوف بنائڻ ۾ دير ئي ڪونه ٿا ڪن. تنهن هوندي به سنڌ جا ماڻهو سڀ ڪجهه سمجهن ٿا. کري ۽ کوٽي جي خبر پئجي چڪي آهي. دوست ۽ دشمن جي معلومات ملي چڪي آهي..حڪمران، عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهي رهيا آهن.
آئون، هتي اهو واضح ڪندو هلان ته، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو صدر سيد زين العابدين شاهه، ڪجهه پارٽي اڳواڻن سان گڏ، سنڌ حڪومت جي بيان جي تصديق لاءِ بهاولپور پهتو. حڪومت جي ڏنل بيان جي باري ۾ مٿي بيان ڪري آيو آهيان. سيد زين شاهه چيو ته، چولستان واري علائقي کي مقامي ماڻهو روحي به چون ٿا. اتي ڪئنالن جو ڪم هلندڙ آهي. جنهن جو وڊيوز ڏسي سگھجن ٿيون. اتي ان ڪم ڪرڻ لاءِ مشينري به موجود آهي. هاڻ اهو سوال حڪمرانن کان پڇي سگھجي ٿو ته، جيڪڏهن ڪئنال ڪونه پيا ٺاهيا وڃن ته پوءِ هي ڇا ٿي رهيو آهي. مشينري ڇو آندي ويئي آهي. جيڪا کوٽائي جي ڪم ۾ استعمال ڪئي پئي وڃي. سڄي قوم چئي رهي آهي ته سنڌو تي ڪئنال ٺهي رهيا آهن. ان سلسلي ۾ مسلم ليگ (ن) جي ڪن اڳواڻن به چيو آهي ته، سنڌو درياءَ تي نون ڪئنالن ٺاهڻ کان ڪير به روڪي نه ٿو سگھي. اهي ضروري ٺهندا. سينيٽ ۾ به ان سلسلي ۾ بحث ٿيو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف وارا به ڄاڻايل ڪئنالن جي خلاف آواز اٿاري رهيا آهن. جماعت اسلامي ۽ سنڌ جون قومپرست ڌريون به رڙيون ڪنديون وتن تنهن هوندي به پاڪستان پيپلس پارٽي اها ڳالهه مڃڻ کان انڪار ڪري رهي آهي. اهو ڪهڙو منطق ۽ ابجد آهي. اهو اسان جي سمجهه کان گھڻو مٿاهون آهي. هن پارٽي جا چونڊيل نمائيندا به خاموش آهن. بلڪل ڪونه ٿا ڪڇن. اهي صرف جهموريت جي دعويٰ ڪري رهيا آهن ۽ چوندا وتن ته اسان عوام جي خدمت ڪري رهيا آهيون. آئون سمجهان ٿو ته، اهو هڪ ڍونگ ڪيو اٿن. باقي ائين ٿو محسوس ٿئي ته هو ڪنهن خوف ۽ ڊپ ۾ ورتل آهن جنهن ڪري خاموشي اختيار ڪئي اٿن ۽ حق سچ چوڻ کان نٽائي رهيا آهن.
بهرحال جيڪي به حقيقتون هجن سي عوام جي آڏو ظاهر ڪرڻ گھرجن. ملڪ جي عوام کان لڪائڻ کان گريز ڪئي وڃي. اها به التجا آهي ته، ڄاڻايل ڪئنالن جو فيصلو واپس ورتو وڃي. سنڌو جي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ بند ڪيو وڃي. سنڌ واسين جي هن مطالبي کي نظرانداز ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي. ٻئي حالت ۾ هاڻ سنڌي ماڻهو نه رڳو ان مسئلي جي مذمت ڪندا. پر، هو مزاحمت به ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا. مرڻ ۽ مارڻ کان به ڪين هٽندا. ان صورت ۾ ملڪي حالتون خراب ٿي سگھن ٿيون. جيڪي ملڪ جي ترقي جي راهه ۾ رنڊڪون پيدا ڪري سگھن ٿيون. جيڪي ملڪ جي مفاد وٽان ڪونه هونديون. خدارا هن ملڪ تي رحم ڪريو. ڪنهن به صوبي جي عوام کي ديوار سان نه لڳايو.