گهڻ قومي ملڪن ۾ ڪڏهن به هارڊ اسٽيٽ جو تصور ڪامياب نه ٿيندو: ثناءُ الله بلوچ

اسلام آباد(م ڊ) بلوچستان نيشنل پارٽي جي اڳواڻ سينيٽر ثناء الله بلوچ چيو ته "هارڊ اسٽيٽ” جو تصور ڪڏهن به گهڻ ٻوليائي ۽ گهڻ قوميتي ملڪن ۾ ڪامياب ناهي رهيو، اهو انهن ملڪن ۾ ڪجهه عرصي لاءِ ڪامياب ٿئي ٿو جيڪي هڪ ٻولي، هڪ نسل ۽ هڪ طبقي وارن ماڻهن سان آباد هوندا آهن. "هارڊ اسٽيٽ” ملڪ تي ڇا اثرات ڇڏيندو؟ پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته "هارڊ” ۽ "سافٽ اسٽيٽ” جو لفظ سياسي ماڻهن يا پاڪستان جي پارليامينٽ کي طئي ڪرڻ گهرجي ها، "شايد ڪنهن جنرل صاحب کي هن اهڙن لفظن(وڪيبلري) ۽ انهن سڀني ڳالهين بابت نه ٻڌايو هوندو”. هن وڌيڪ چيو ته هارڊ اسٽيٽ ۾ سول سوسائٽي، اپوزيشن، سياسي جماعتن، ۽ جمهوري ادارن لاءِ ڪا جاءِ نٿِي رهندي، صاف ۽ شفاف چونڊون نٿيون ٿينديون. اسان جي ملڪ ۾ اڳ ئي 50 کان 60 سيڪڙو علامتون هارڊ اسٽيٽ جون موجود آهن. پر جيڪڏهن توهان سرڪاري طور تي اعلان ڪيو ٿا ته پاڪستان هڪ هارڊ اسٽيٽ آهي، ته ان جا ملڪ لاءِ ڪيترائي سفارتي اثرات ٿيندا. پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نوابزاده جمال رئيِساني جو چوڻ آهي ته آرمي چيف جنهن "هارڊ اسٽيٽ” جو ذڪر ڪيو آهي، ان جو مطلب آهي ته جيڪي به دهشتگرد هوندا، ۽ جيڪي به دهشتگرد تنظيمون هونديون، جيئن بي ايل اي يا بي ايل ايف، "انهن سان اسان دهشتگردن وانگر سلوڪ ڪجي”. جمال رئيِساني، آج نيوز جي پروگرام "اسپاٽ لائٽ” ۾ ڳالهايون ڪندي چيو ته آرمي چيف جو "سافٽ اسٽيٽ” کان مراد اها هئي ته اهي افواهه پکيڙيا وڃن ٿا ته اهي تنظيمون درست آهن ۽ بلوچ پنهنجن حقن لاءِ جنگ ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.