اوٻاوڙو (رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ) اوٻاوڙو ۾ چار ڏينهن اڳ ايم پي اي ڄام مهتاب حسين ڏهر تي ٿيل قاتلاڻي حملي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪالهه ڊي ايس پي اوٻاوڙو عبدالقادر سومرو جي اڳواڻي ۾ 3 اي پي سي، 3 بڪتر بند گاڏيون، 14 پوليس موبائيلون ۽ 10 ٿاڻن جي پوليس جي وڏي نفري کينجهو ٿاڻي جي حدن ۾ مختلف ڳوٺن ۾ سرچ آپريشن ڪري علائقي کي سيل ڪيو، ڪيس ۾ ملوث جوابدارن جي گهرن کي باھيون ڏئي ڊاهي پٽ ڪيو ويو، آپريشن دوران پنج شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن مان ٻه جڻا عبدالحفيظ عرف حڪيم پٽ عبدالقادر شر ۽ حق عرف اڪبر علي پٽ عبدالقادر شر، ٻئي بيروتا تعلقو ڏهرڪي جا رهواسي آهن، جيڪي پراڻي ڪيسن ۾ روپوش هئا، انهن مان عبدالحفيظ کي قتل ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته حق عرف اڪبر علي کي مختلف ٻين ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، ٻي پاسي ڳوٺاڻن پوليس تي الزام هنيو آهي ته پوليس بي ڏوهي ماڻهن جا گهر ڊاهي ۽ فصل ساڙي رهي آهي، پوليس جو اهو سلوڪ غير مناسب آهي، هنن اعليٰ عملدارن کي اپيل ڪئي ته اسان سان ناجائزي بند ڪرائي وڃي، هوڏانهن، ايس ايس پي گھوٽڪي جي ترجمان پريس رليز ۾ ڄاڻايو ته ڄام مهتاب تي حملي ۾ ملوث جوابدارن جو گهيرو تنگ ڪري ڇڏيو آهي. ملوث جوابدار پنهنجا گهر ڇڏي فرار ٿي ويا آهن.