دادو بم ڌماڪي جا افواهه پکيڙيندڙ 34 ڄڻن خلاف پيڪا تحت ڪيس داخل

دادو(رپورٽ : غوث جهتيال) دادو ۾ سوشل ميڊيا تي بم ڌماڪن واريون ڪوڙيون خبرون هلڻ تي ايس ايس پي دادو ڪئپٽن (ر) امير سعود مگسي سخت نوٽيس وٺي ڇڏيو،  34 ڄڻن خلاف پيڪا ايڪٽ تحت ۽ دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيسداخل ڪري ڇڏيو، سرڪاري مدعيت ۾ دادو شهر جي اي سيڪشن ٿاڻي 34 شھرين خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ان ڪيس ۾ نامزد ڪيل جوابدارن سوشل ميڊيا تي ڪوڙيون بم ڌماڪن جون خبرون ھلايون ھيون، ايس ايس پي دادو ۽ پوليس اهلڪارن جي شهيد ٿيڻ جون خبرون وائرل ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته ايس ايس پي دادو پاران ايف آءِ اي کي پڻ اهڙو خط لکيو ويو آھي، ايف آءِ اي پاران جوابدارن جي نشاندهي تي پوليس 34 ڄڻن کي جوابدارن ڄاڻائي انھن خلاف ڪيس داخل ڪري تحقيقات شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.