اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ جو سڀ کان وڏو تربيلا ڊيم ڊيڊ ليول تي پهچي ويو.
واپڊا ذريعن موجب تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جو استعمال جوڳو ذخيرو ٻڙي ٿي ويو آهي ۽ ڊيم جو ڊيڊ ليول 1402 فٽ آهي.
واپڊا ذريعن جو چوڻ آهي ته منگلا ڊيم به ڊيڊ ليول جي ويجهو پهچي چڪو آهي، جتي پاڻي جي سطح 1054 فٽ تي آهي، جيڪا ڊيڊ ليول کان رڳو 4 فٽ وڌيڪ آهي.
ذريعن موجب منگلا ڊيم جو ڊيڊ ليول 1050 فٽ آهي، جڏهن ته هتي استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 77 هزار ايڪڙ فٽ آهي.
You might also like