غزا (ويب ڊيسڪ) غزا جي علائقي دير البلح ۾ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر تي اسرائيلي حملي جي نتيجي ۾ هڪ پرڏيهي اهلڪار مارجي ويو ۽ پنج ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.
پرڏيهي ميڊيا موجب، غزا جي صحت واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته زخمين کي دير البلح جي شهداءِ الاقصيٰ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هڪ زخمي علاج دوران زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو.
ٻئي پاسي اسرائيلي فوج دير البلح ۾ گڏيل قومن جي ڪنهن به عمارت تي حملي جي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته ”ميڊيا ادارا غير تصديقي رپورٽن تي ذميواري جو مظاهرو ڪن.“
عرب ميڊيا ۽ پرڏيهي خابرو ادارن طرفان جاري ڪيل تصويرن ۽ وڊيوز ۾ زخمين کي گڏيل قومن جي گاڏي ۽ ايمبولينس ذريعي اسپتال پهچائڻ جا منظر ڏسي سگهجن ٿا.
غزا جي سرڪاري ميڊيا آفيس حملي جي سخت مذمت ڪندي ان کي فلسطيني عوام جي مدد روڪڻ لاءِ گڏيل قومن ۽ ٻين امدادي ادارن کي نشانو بڻائڻ جي هڪ ”منظم پاليسي“ قرار ڏنو آهي.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ” اسان گڏيل قومن کان مطالبو ٿا ڪريون ته هو هن ڏوهه تي واضح ۽ سخت موقف اختيار ڪري ۽ ترت قدم کڻي اسرائيل کان پڇاڻو ڪري.“
هوڏانهن جنگبندي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي اسرائيل طرفان غزا تي جاري تازن حملن ۾ شهيدن جو انگ 430 کان ٽپي ويو آهي، جڏهن ته 650 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن.
غزا جي صحت واري وزارت موجب، 7 آڪٽوبر 2023 کان وٺي اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ غزا ۾ 49547 ماڻهو شهيد ۽ 112547 زخمي ٿي چڪا آهن.
غزا: اسرائيل جو گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر تي حملو، هڪ اهلڪار مارجي ويو، پنج زخمي
You might also like