لنڊن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي پٽ حسن نواز کي برطانيا ۾ ٽيڪس ڊيفالٽر قرار ڏيندي مٿس 5.2 ملين پائونڊ جو ڏنڊ مڙهيو ويو آهي.
برطانوي حڪومت جي جاري ڪيل تازي فهرست ۾ حسن نواز کي ”ٽيڪس ڊيفالٽر“ قرار ڏنو ويو آهي.
رپورٽ موجب، حسن نواز پنج اپريل 2015ع کان ڇهه اپريل 2016ع تائين اٽڪل 9.4 ملين پائونڊ ٽيڪس ادا نه ڪيو.
برطانوي ٽيڪس اٿارٽي حسن نواز تي 5.2 ملين پائونڊ جو ڏنڊ لاڳو ڪندي ان جا تفصيل سرڪاري ويب سائيٽ تي به جاري ڪري ڇڏيا آهن.
قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته ڏيوالي باوجود حسن نواز تي مڙهيل ڏنڊ جي اوڳاڙي جو امڪان موجود آهي ڇو ته برطانوي قانون موجب ٽيڪس چوريءَ جو ڏوهه ڏيوالي جي صورت ۾ به معاف نه ٿو ٿي سگهي.
هن معاملي تي حسن نواز جي قانوني ٽيم جي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته روينيو ڪسٽم کاتي جا اڄ شايع ٿيل انگ اکر پراڻي ڪهاڻي آهن.
سندن چوڻ آهي ته حسن نواز اڳ ئي عدالت ۾ پاڻ کي ڊيفالٽ ڊڪليئر ڪيو هو ۽ هاڻي پراڻي ڪهاڻي کي ٻيهر ورجايو پيو وڃي.
اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو پٽ حسن نواز برطانيا ۾ ٽيڪس ڊيفالٽر قرار، ڏنڊ لاڳو
You might also like