اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي منظوري کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف طرفان 23 مارچ تي بجلي جي اگهه ۾ 8 رپيا في يونٽ گهٽ ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، ناڻي واري وزارت ۽ توانائي ڊويزن جا عملدار بجلي جي اگهه ۾ وڌيڪ 2 رپيا في يونٽ گهٽتائي لاءِ مختلف اختيارن تي غور ڪري رهيا آهن، جن کي وزيراعظم طرفان 23 مارچ تي ٿيندڙ اعلان کان اڳ آخري شڪل ڏني ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اِها گهٽتائي پهرين اپريل 2025 کان لاڳو هوندي ۽ واهپيدارن کي مئي کان گهٽ بل ملڻ شروع ٿيندا.
ذريعن موجب، 8 رپيا في يونٽ مجموعي گهٽتائي مان 4.73 رپيا في يونٽ مستقل ايڊجسٽمينٽ هوندي.
اهو فيصلو ڇهن آزاد بجلي پيدا ڪندڙ ڪمپنين (آءِ پي پيز) سان معاهدا ختم ڪرڻ، 16 آءِ پي پيز سان بجلي خريداري معاهدن تي نظرثاني ڪري ”ٽيڪ اينڊ پي“ ماڊل ۾ تبديل ڪرڻ، بيگاس پاور پلانٽن کي آمريڪي ڊالر بدران پاڪستاني رپئي ۾ تبديل ڪرڻ ۽ سرڪاري پاور پلانٽن لاءِ واپسيءَ جي شرحن (آر او اي) کي 13 سيڪڙو تائين گهٽائڻ جي نتيجي ۾ ڪيو ويو آهي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته ٽيرف ۾ گهٽتائي جو حساب تيل جي شين جي عالمي مارڪيٽ ۾ 16 مارچ 2025 کان ٿيندڙ گهٽتائي جي اثر کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي.
موجوده تيل جي قيمتن کي برقرار رکڻ سان مالياتي اثر اٽڪل 168 ارب رپيا ٿيندو، جيڪو بجلي جي اگهه ۾ 1.30 رپيا في يونٽ گهٽتائي ۾ مدد ڏيندو.
آءِ ايم ايف، حڪومت لاءِ هي رليف منظور ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، جنهن ۾ تيل جي قيمتن کي ٽن مهينن تائين ساڳيو برقرار رکڻ واري فيصلي کي قبول ڪيو ويو آهي.
جيڪڏهن عالمي سطح تي تيل جي قيمتون وڌيڪ گهٽجن ٿيون ته ان جو مالي اثر 250 ارب رپين تائين پهچي سگهي ٿو، پر 1.30 رپيا في يونٽ جو رليف صرف هڪ مهيني لاءِ موجود هوندو.
You might also like