ممبئي (ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور اداڪارا پريانڪا چوپڙا جي ماءُ ڊاڪٽر مڌو چوپڙا هالي ووڊ گلوڪار نِڪ جوناس طرفان ڌيءُ جو سڱ گهرڻ واري ڪهاڻي ٻڌائي ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، 2018ع ۾ جڏهن پريانڪا چوپڙا ۽ آمريڪي پاپ گلوڪار اداڪار نِڪ جونس جي مڱڻي جي اعلان ڪيئي مداحن کي دنگ ڪري ڇڏيو هو.
پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي مڌو چوپڙا ان ڏينهن کي ياد ڪندي ٻڌايو ته هڪ ڏينهن نِڪ مون کي چيو ته هو مون کي مانجهاندي تي وٺي وڃڻ چاهي ٿو، پوءِ اسان گڏجي لنچ تي وياسين.
هن ٻڌايو ته لنچ دوران نڪ جونس کانئس پڇيو ته توهان پريانڪا لاءِ ڪهڙي جو قسم جو ماڻهو سوچيو آهي؟
ڊاڪٽر مڌو چوپڙا موجب، نڪ جونس سندس هٿ پڪڙي چيو ته مان ئي اهو ماڻهو آهيان، ڇا مان اهڙو شخص ٿي سگهان ٿو؟ مان واعدو ڪيان ٿو ته توهان جي اميدن جي ابتڙ ڪجهه به نه ٿيندو.
مڌو چوپڙا جو چوڻ هو ته هوءَ ان موقعي تي وائڙي ٿي وئي، ڇاڪاڻ ته هوءَ انهيءَ لاءِ تيار نه هئي، پر خوش به هئي ڇو ته نڪ جونس تمام سهنُ ۽ بهترين انسان محسوس ٿيو.
هن وڌيڪ چيو ته نڪ جونس بابت ڪجهه چوڻ ڏکيو هو، ڇو ته تنهن وقت مان هن بابت گهڻو ڪجهه نه ڄاڻيندي هيس، پر پوءِ مسلسل ملاقاتن کانپوءِ هن جي هاڪاري رويو سامهون آيو.
ياد رهي ته پريانڪا چوپڙا ۽ نِڪ جونس جي شادي پهرين ڊسمبر 2018 تي ٿي، جوڙي کي هڪ نياڻي جو اولاد آهي.
You might also like