اسرائيل جي وزيراعظم اندروني سيڪيورٽي سربراھ کي ڇو برطرف ڪيو ؟

اسرائيل جي حڪومت ۽ ان جي انتظاميا اندر جاري ڇڪتاڻ ڪنھن کان ڳجھي نھ رھي آھي.خاص ڪري 7 آڪٽوبر واري حماس جي حملي جي ٿيل اڀري سڀري جاچ تي ڪيترائي اختلاف سامھون آيا آھن.ان حوالي سان وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو، اسرائيل جي اندروني سيڪيورٽي ايجنسي جي سربراهه رونن بار کي برطرف ڪري ڇڏيو آھي،جنھن تي سخت ردعمل سامھون آيو آھي.وزيراعظم پنھنجي ھڪ رڪارڊ ڪيل  وڊيو بيان ۾ رونن بار کي برطرف ڪرڻ جو سبب اعتماد جي کوٽ کي قرار ڏنو آھي.

شن بيٽ جي اڳوڻي سربراهه ياڪوف پيري ، جو چوڻ ھو تھ موجودھ شن بيٽ جي سربراهه رونن بار جي برطرفي سيڪيورٽي سروس کي غير مستحڪم ڪري سگهي ٿي. هن وزير اعظم جي رونن خلاف الزامن کي "ڪوڙو” ۽ "بي بنياد” قرار ڏنو ۽ چيو ته هو هڪ ايماندار  شخص آھي.ھن اھو پڻ چيو تھ اسرائيل دشمنن جي اسرائيل جي داخلي  صورتحال تي نظر آهي ۽  وزيراعظم ۽ شن بيٽ  عھديدار جي ڇڪتاڻ  سان جنم وٺندڙ ٽڪراءُ مان دشمن  کي فائدي وٺڻ ۽ حملي ڪرڻ جو موقعوملندو. حڪومت ۽ جنرل سيڪيورٽي سروس ۾ وڇوٽي حقيقي طور  قومي سلامتي لاءِ خطرو آھي.اسرائيلي سياست جي ماھرن ميئر ڪوھن بي بي سي سان ڳالھائيندي تصديق ڪئي ته  رونن بار جي برطرفي 7 آڪٽوبر جي حملي کي منهن ڏيڻ ۾ شن بيٽ جي ناڪامي کان پوءِ عمل ۾ آئي.ھو واقعي جي روشني ۾ سندس برطرفي کي ضروري سمجھي ٿو. وزيراعظم شن بيٽ جي سربراهه جي مقرري ۽ برطرفي جو ذميوار آهي ۽ وٽس اھڙو اختيار آھي.

سياسي تجزيھ نگار جو چوڻ ھو تھ برطرفي خلاف عوامي احتجاج وڌي سگهن ٿا، خاص طور تي کاٻي ڌر  سان لڳاپيل ماڻهو رستن تي نڪرندا، پر اهي جنرل سيڪيورٽي سروس جي ڀيٽ ۾ حڪومت جي تبديلي سان  جا خواھش مند ھوندا. قانوني ماهر مائيڪل اسفرڊ، شن بيٽ چيف جي برطرفي جي قانوني پاسن  بابت بي بي سي ٻڌايو تھ تبديلي صرف ذاتي يا سياسي سببن جي ڪري نه ڪئي وئي آهي. شن بيٽ جو سربراهه نه رڳو وزيراعظم پر رياست ۽ سموري سماج جي خدمت ڪري ٿو، تنهن ڪري کيس صرف واضح پيشه ورانه ۽ سيڪيورٽي سببن جي ڪري برطرف ڪري سگهجي ٿو.هن چيو ته جيتوڻيڪ وزيراعظم کي برطرف ڪرڻ جو اختيار آهي،پر ڪن حالتن ۾ ڪنيسٽ يا سيڪيورٽي ڪائونسل جهڙن ادارن جي منظوري جي ضرورت پئجي سگهي ٿي.جيڪڏهن هن فيصلي خلاف عدالت ۾ درخواستون داخل ڪيون وڃن ٿيون، ته سپريم ڪورٽ کي به ڪيس تي فيصلو ڏيڻ جو حق آهي ۽ ان جو فيصلو اسرائيل ۾ ڪنيسٽ يا حڪومت کان وڌيڪ طاقتور سمجهيو ويندو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.