پي ٽي آءِ پاران اڄ سلامتي ڪميٽي اجلاس ۾ شرڪت جو فيصلو

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ اڄ قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، ذرائع مطابق، پي ٽي آءِ جي اجلاس دوران پارٽي چيئرمين بئرسٽر گوهر ۽ ٻين ڪيترن ئي اڳواڻن قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ جي حق ۾ دليل ڏنا، جڏهن ته جنيد اڪبر باني سان مشاورت ڪرڻ جو چيو ، ذريعن موجب، پي ٽي آءِ اجلاس ۾ شرڪت بابت 14 نالا اسپيڪر اياز صادق کي ڏئي ڇڏيا آهن، انهن نالن ۾ بيرسٽر گوهر، اسد قيصر، زرتاج گل، صاحبزادہ حامد رضا، عامر ڊوگر، ثنا الله مستي خيل، علي محمد خان، سينيٽر علي ظفر، سينيٽر همايون محمد ۽ سينيٽر عون عباس بپي شامل آهن، بئرسٽر گوهر علي خان چيو ته دهشت گردي جي معاملي کي سنجيدگي سان وٺڻ جي ضرورت آهي، ان ۾ ڪو فرق نه هجڻ گهرجي ته ڪير ڪنهن تي تنقيد ڪري رهيو آهي، پاڪستان ۾ جيڪو به دهشت گردي ۾ مارجي ٿو، اهو پاڪستاني آهي، ڀارت ۽ ڀارت جي ايجنسي "را” پاڪستان ۾ دهشت گردي ۾ ملوث آهي، ڀارت اڳ ۾ چيو هو ته اسان پاڪستان ۾ گهڙي ماريو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.