ڪراچي(رپورٽر)جوابدار ارمغان جي والد اسپيشل پراسيڪيوٽر ذوالفقار آرائين کي ڌمڪيون ڏنيون ، پراسيڪيوٽر جنرل مظفر مهدي دهشتگردي جي انت واري عدالت جي رجسٽرار کي خط لکي ڇڏيو، پراسيڪيوٽر جنرل مظفر مهدي طرفان لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار ارمغان جي والد پراسيڪيوٽر ذوالفقار آرائين کي ڌمڪيون ڏنيون آهن، ڪامران قريشي پراسيڪيوٽر ۽ جاچ آفيسر سان بدتميزي ڪئي، دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ غير لاڳاپيل ماڻهن جي داخلا بند ڪئي وڃي، خط ۾ مظفر مهدي لکيو ته غير لاڳاپيل ماڻهو عدالت ۾ شور مچائي رهيا آهن، خط ۾ ذوالفقار علي آرائين انڪشاف ڪيو ته ملاقات دوران جوابدار ارمغان جي پيءُ ڪامران اصغر قريشي ڪيس ۽ جاچ آفيسر سان بدتميزي ڪئي ۽ قتل جون ڌمڪيون ڏنيون، خط ۾ ذوالفقار علي آرائين چيو آهي ته هو سامهون آڻڻ تي جوابدارن کي سڃاڻي ويندا ۽ لاڳاپيل اختيارين کي درخواست ڪئي آهي ته قانوني ڪارروائي ڪري کين سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي، پراسيڪيوشن ٽيم مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جي مڪمل جاچ ڪئي وڃي ۽ جوابدار جي پيءُ خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.