حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ واقع ٻارن جي جيل جي اھلڪار خلاف غلط حرڪتون ڪرڻ جي الزام ھيٺ ڪيس داخلڪرايو ويو آھي، جنھن بعد پوليس جيل اھلڪار کي گرفتار ڪري ورتو، بلديا ٿاڻي تي ٻارن جي جيل جي قيدي محمد علي شاھ جي فرياد تي گناھ نمبر 39 قلم 377 (بي) پي پي سي تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو آهي ته جمعي ڏينهن جڏھن ھو نماز پڙھي مسجد مان نڪتو ته جيل جو اھلڪار غلام حيدر چانڊيو ساڻس مليو جنھن غلط حرڪتون ڪيون، ان کان اڳ ھن اھي ساڳيون حرڪتون قيدي عاقب شاھ سان به ڪيون ھيون، ٻئي طرف ڪيس داخل ٿيڻ بعد بلديا پوليس جوابدار جيل اھلڪار غلام حيدر چانڊيو کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو هو.17