ڪراچي(م ڊ) دنيا جي ڊگهي قد وارو شخص نصير سومرو شڪارپور ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سندس ڀاءُ رياض سومرو موجب، 55 سالن جو نصير سومرو ڪيترن ئي مهينن کان ڦڦڙن جي تڪليف ۾ مبتلا هو ، سندس علاج گهر ۾ جاري هو، نصير سومرو جي جنازي نماز اڄ صبح جو شڪارپور ۾ ادا ڪئي ويندي، نصير سومرو جو قد 7 فوٽ 9 انچ هو ۽ سندس شمار دنيا جي ڊگهي قد وارن ماڻهن ۾ ڪيو ويندو هو، ڊگهي قد سبب نصير سومرو کي قومي ايئر لائن ۾ نوڪري پڻ ملي هئي.