سنڌو تي ڌاڙي خلاف سجاول جا اديب رستن تي نڪري آيا، حيدرآباد ۾ شاگردن جو احتجاج

حيدرآباد/ سجاول (نمائندا) سنڌو  تي ڌاڙي خلاف سنڌي ادبي سنگت سجاول پاران سنڌوندي تي 6 ڪينال ڪڍڻ خلاف گيت ڳائي احتجاج ڪيو ويو، سنڌ جي لاڙ پٽي جو بھترين شاعر اياز امر شيخ سجاول جوسيڪريٽري فريد گل شاعر، سنڌ ڪائونسل جو ميمبر دائود امر ميمڻ،  شاعر محمد ٻارڻ، عبد سنڌي، نجيب سرويچ، واحد سوزملاح، اڪرم زنگيجو، اسد مهراڻوي، فنڪار ذوالفقار راهي، شاد رزاق ميمڻ، رشيد ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪئنال سمورا نامنظور، سنڌو  تي ڌاڙو نامنظور جا لکيل پمفليٽ ھٿن ۾ کڻي سورج سجاولي پريس آڏو احتجاج ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو سنڌو ندي جو پاڻي سنڌ جي 7 ڪروڙ عوام  سان گڏوگڏ ايندڙ نسل جي جياپي جو به  ذريعو آهي سنڌو درياءَ تي 6 ڪينال ڪڍيا ويا ته سڄي سنڌ جون زمينون بنجر بنجي وينديون. ڪينالن جي آڙ ۾ سنڌين جي نسل ڪشي ڪرڻ بند ڪئي وڃي. احتجاج ۾ سنڌ جو نالي وارو فنڪار ذوالفقار راهي اي شاهه درياءُ  اي سنڌو درياءُ گيت ڳائي لفظن جي ڀيٽا  پيش ڪئي. اسٽوڊٽس ايڪشن ڪميٽي لا ڪاليج حيدرآباد جي شاگردن سنڌ درياھ مان 6 نوان ڪينال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي آصف ککراڻي، عبدالله قاضي، مڪيش ڪمار ۽ ٻين چيو ته سنڌو درياھ سنڌ جي 6 ڪروڙ عوام جي ساهه جو سڳو آھي، جيڪڏهن سنڌو درياھ تي 6 نوان ڪينال ٺاھيا ويا ته سنڌ جون زمينون غيرآباد ٿي وينديون ۽ عوام اڃ مري ويندو. هنن مطالبو ڪيو ته سنڌو مٿان نوان ڪينال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبو فوري ختم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.