ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ۾ اقليتي معاملن جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ارونا راني تي هٿياربندن حملي جي ڪوشش ڪئي آهي. ڪراچي ۾ صدر جي علائقي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ارونا راني تي نامعلوم موٽرسائيڪل سوار ٻن ٻٽ ٻڌل جوابدارن طرفان حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. جوابدارن موٽرسائيڪل سان ڪار کي ٽڪر هنيو، بدڪلامي ڪئي ۽ حملو ڪيو، پر ڪار جي شيشا بند هجڻ جي ڪري ارونا راني محفوظ رهي. ارونا راني مطابق رات جو پنهنجي گهر واپس ويندي روشني نه هجڻ جي ڪري جوابدارن ۽ موٽرسائيڪل جو نمبر نه ڏسي سگھي. هن ٻڌايو ته جوابدارن کين ڌمڪيون ڏيندي چيو ته اوهان ۽ اسان ۾ ڪڏهن به ڀائيچارو نه ٿو ٿي سگهي.