اسلام آباد(م ڊ) قومي سلامتي جي پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس جو وقت تبديل ڪيو ويو آهي، اجلاس اڄ ڏيڍ وڳي بدران صبح 11 وڳي ٿيندو، رمضان جي تقدس کي نظر ۾ رکندي وقت تبديل ڪيو ويو آهي، اجلاس اِن ڪيمرا ٿيندو جنهن ۾ سيڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏني ويندي، اجلاس ۾ عسڪري قيادت پارلياماني ڪميٽي کي ملڪ جي موجوده سيڪيورٽي صورتحال کان آگاهه ڪندي، قومي اسيمبلي ترجمان موجب اجلاس قومي اسيمبلي هال ۾ ٿيندو، جنهن ۾ پارليامينٽ ۾ موجود سڀني سياسي جماعتن جا پارليماني اڳواڻ ۽ انهن جا نامزد نمائندا شرڪت ڪندا.