خيرپور (رپورٽ: عبدالمتين مهر ) خيرپور شهر جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد الله آباد ڪالوني ۾ افطاري کانپوءِ گهر ٻاهران بيٺل نوجوان ساجد علي جتوئي مٿان اڻسڃاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ساجد علي جتوئي موقعي تي ئي دم ڏنو ۽ هٿياربند فرار ٿي ويا، پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس موجب واقعو پراڻي دشمني تان پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ جاري آهي.