ميرپورخاص(بيورورپورٽ) سنڌڙي لڳ ڳوٺ ڀاڳيو واٽر ۾ چوري جي نيت سان ڪوڏو سيال جي گهر ۾ داخل ٿيو ته گهر جي عورتنکڙڪ پوڻ تي چور پرويز سيال کي سوگهو ڪري دانهون ڪيون ته ڳوٺاڻن عورتن جي رڙين تي پهچي چور کي سوگهو ڪرڻ بعد چور کي ٿڦا ٿڦي ڪرڻ بعد سنڌڙي پوليس حوالي ڪيو پوليس ڳوٺاڻن پاران حوالي ڪيل چور کي لاڪپ ڪيو جنهن بعد رات وچ ۾ چور پوليس لاڪپ مان فرار ٿي ويو چور جي لاڪپ مان فرار ٿيڻ تي پوليس عملدارن ۽ اهلڪارن ۾ ڊوڙون پئجي ويون، ايس ايڇ او سنڌڙي خدا بخش رانجهاڻي موجب پرويز سيال کي چوري جي شڪ ۾ گرفتار ڪيو ويو هو پوليس پاران ڀاڳين کان چور جي شناخت ڪرائي وئي پر ڀاڳين چور کي سڃاڻن کان انڪار ڪرڻ تي شڪي چور جو ڪرمنل رڪارڊ نه هجڻ ۽ ڀاڳين پاران سڃاڻڻ کان انڪار ڪرڻ تي پرويز سيال کي سندس چاچي جي حوالي ڪيو ويو آهي چور فرار ناهي ٿيو، سنڌڙي ٿاڻي جي پوليس لاڪپ مان چور فرار ٿيڻ جي اطلاع تي ايس ايس پي ميرپورخاص ڊاڪٽر سمير نور چنا واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي سي آئي اي فَضل الحق کي جاچ آفيسر مقرر ڪري واقعي جي مڪمل رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.