حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد ۾ ھٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ ھو ته واقعو ذاتي دشمني تان پيش آيو آھي، نسيم نگر پوليس پوسٽ جي حد قادر نگر ڪچي آبادي جي الشھباز ڪالوني ۾ گھر ٻاھران ويٺل 22 سالن جي نوجوان آفتاب پٽ ممتاز مگسي کي موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن گوليون ھڻي فرار ٿي ويا، فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب نوجوان موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، واقعي جي اطلاع تي پوليس پھچي لاش کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيو جتان رات دير سان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ ھو ته واقعو سوٽن وچ ۾ پراڻي سڱاوتي تڪرار تان پيش آيو آھي، ابتدائي جاچ ۾ ٻڌايو ويو ته نوجوان کي سندس سوٽ سعيد احمد پٽ ماجد مگسي گوليون ھنيون آھن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، مقتول اصل جھل مگسي واري علائقي جو رھواسي ھو.17