خير محمد آريجا (رپورٽ: سيد عطا محمد شاهه)يونيورسٽي ايٽ آريجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ قلندرآباد ۾ شر برادري جي ٻن ڌرين وچ م سڱاوتي ۽ زميني تڪرار تان گذريل رات دير سان هٿياربندن هٿان 60 ورهين جي راضي خان شر کي گهر اندر پسٽل جا فائر ڪري گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا ، جڏهن ته اهڙي واقعي جو اطلاع ملڻ تي يونيورسٽي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل وٺي ڏوڪري اسپتال منتقل ڪيو جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي فوتي پيرسن جي پٽ محمد ملوڪ شر صحافين کي ٻڌايو ته ڪافي عرصي کان اسان جو پنهنجي چاچي ۽ سئوٽن سان سڱاوتي ۽ زميني تڪرار هلندڙ آهي گذريل رات سئوٽن گهر تي حملو ڪري منهنجي پيءُ راضي خان شر کي پسٽل جون گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن، فوتي پيرسن جي پٽ محمد ملوڪ شر جي فرياد تي 5 جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پوليس پاران الزام هيٺ آيل جوابدارن جي گهر تي ڇاپا جوابدار گهر خالي ڪري فرار، ڪا به گرفتاري نه سگهي آهي .