نوازشريف کي قدڪاٺ کان ننڍو ڪم ملي ويو؟مريم نواز جي عثمان بوزدار سان ڀيٽا؟

اسلام آباد(اسد طور) ٽي ڀيرا وزيراعظم رهندڙ ميان نواز شريف کي لاهور ۾ تاريخي عمارتن جي بحالي جي اٿارٽي جو چيف پيٽرن بڻايو ويو آهي،لاهور ۾ 115 تاريخي عمارتون آهن جن مان 48 جي بحالي ڪم جاري آهي،هاڻي توهان ڏسو ته نوازشريف پنهنجو قدڪاٺ ڪٿان کان ڪٿي آڻي بيهاريو آهي؟ن ليگ پنهنجي قائد سان اهڙو حشر ڪري ڇڏيو آهي،پارٽي اهو سمجهي ٿي ته لاهور ۾ ڪجهه ڪري ڏيکاريو ته ايندڙ اليڪشن ۾ سڄو پنجاب اسان کي ووٽ ڏيندو حالانڪه ايندڙ اليڪشن ترقياتي رٿائن جي بنياد تي نه پر عوامي حقن جي بحالي جي بنياد تي وڙهي ويندي،ٻئي پاسي پنجاب ۾ هڪ انسٽيٽيوٽ پاران ڪيل سروي ۾ عثمان بوزدار جي مقابلي ۾ مريم نواز جي ڪارڪردگي کي 60 سيڪڙو ماڻهن بهتر قرار ڏنو آهي،هاڻي مريم نواز جي ڀيٽ عثمان بوزدار سان ڪئي پئي وڃي.

هي تجزيو، روزاني عوامي آواز،  اڱارو18 مارچ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.