اسلام آباد(ع آ نيوز) قومي احتساب بيورو (نيب) سڄي ملڪ ۾ بحريا ٽائون جون ڪيتريون ئي عمارتون سيل ڪري ڇڏيون آهن ۽ درجنين گاڏيون ضبط ڪيون آهن، جڏهن ته سوين بئنڪ اڪائونٽس پڻ منجمند ڪري ڇڏيا آهن. نيب، بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض ۽ ٻين ماڻهن خلاف فراڊ جي جاچ ڪري رهيو آهي ۽ انهن خلاف ڪيترائي ڪيس جاچ هيٺ آهن. نيب مطابق، بحريا ٽائون جي مختلف منصوبن ۾ سرڪاري ۽ خانگي ايراضين تي غير قانوني قبضن، بغير اجازت هائوسنگ سوسائٽيون قائم ڪرڻ ۽ عوام کان اربين رپين جو فراڊ ڪرڻ جا الزام آهن. تازين ڪارروائين دوران، ڪراچي، لاهور، تخت پڙي، نيو مري گالف سٽي ۽ اسلام آباد ۾ ڪمرشل ۽ رهائشي عمارتن کي سيل ڪيو ويو آهي. نيب اهو به انڪشاف ڪيو آهي ته ڪجهه ماڻهو ملڪ رياض جي دبئي پروجيڪٽ ۾ سيڙپڪاري لاءِ پنهنجي رقم منتقل ڪري رهيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ مني لانڊرنگ جا پختا ثبوت مليا آهن. نيب عوام کي آگاھي ڏني آهي ته هو بحريا ٽائون جي ڪنهن به پُرڪشش لالچ کان بچن ۽ پنهنجي محنت سان ڪمائي وئي بچت کي محفوظ رکن. ان کان سواءِ نيب ٻين حڪومت ادارن سان گڏجي مفرور جوابدارن کي پاڪستان واپس آڻڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن، جيئن انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سگهجي.
بحريا ٽائون ڪراچي جو پاڻي ڪنيڪشن ڪاٽيو ويو
ڪراچي(عوامي آواز نيوز)ڪراچي ۾ واٽر ڪارپوريشن موقف اختيار ڪيو آهي ته ملڪ رياض خلاف 14 ارب رپين جون رهتون آهن ان ڪري پاڻي جو ڪنيڪشن ڪاٽيو ويو آهي،ريئل اسٽيٽ جي شعبي جي تجزئي نگار احسن ملڪ چيو ته اهي ادارا گهڻي عرصي کانپوءِ جاڳيا آهن،ڇو ته جيڪي به ملڪيتون ضبط ٿي رهيون آهن پهرين اهي ئي ادارا انهن جا ٽرانسفر ليٽر به جاري ڪندا رهيا،ملڪ رياض غلط ڪيو آهي ته پوءِ سزا ان کي ئي ملڻ گهرجي، احسن ملڪ چيو ته واٽر بورڊ کي اهي اختياريون ملڪ رياض کان ئي وٺڻ گهرجن ۽ عام ماڻهو کان هاڻي پاڻي بل سڌو سنئون بورڊ پاڻ وصول ڪري،الائيڊ ڊولپرز جي ڊاڪٽر شفيق الرحمان چيو ته هاڻي عام ماڻهو به نيب ۽ ايف آءِ اي جي ڪاررواين سان متاثر ٿيندو، ڇو ته بحريا ٽائون جي ساک کي شديد نقصان پهچڻ سان انهن جي جائيداد جي مارڪيٽ ويليو به ڪرندي،