اسلام آباد(بيورو/م ڊ) جمعيت علماء اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته عيدالفطر کانپوءِ تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويندو. صحافين سان ڳالهائيندي جي يو آءِسربراهه چيو ته موجوده سياسي صورتحال ۾ نواز شريف اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن اهو پڻ چيو ته عيد کانپوءِ تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويندو، ۽ حڪومت مخالف تحريڪ ۾ پي ٽي آءِ سان اتحاد جو فيصلو مشاورتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ ڪيو ويندو. هن چيو ته جيڪڏهن هڪ طرفه فيصلا بند نه ڪيا ويا ته ملڪ جي سياست ۾ شدت ايندي. مولانا فضل الرحمان بلوچستان جي معاملي تي ڳالهين تي زور ڏنو ۽ چيو ته جيڪڏهن رياست افغانستان جي معاملي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جو چيو ته سوچي سگهن ٿا. هن چيو ته جيڪڏهن مساجد ۽ مدارس محفوظ نه آهن ته عام هنڌن تي ڪيئن محفوظ ٿي سگهن ٿا؟ ممتاز عالم دين مفتی منير شاڪر جي قتل جي مذمت ڪئي. هن چيو ته رمضان المبارڪ ۾ روزاني مسجدن ۾ ڌماڪا ٿي رهيا آهن، علماء جي ٽارگيٽ ڪلنگ ٿي رهي آهي، حڪومت ڪٿي نظر نه ٿي اچي.