ڪالاباغ ڊيم کي منصوبن ۾ ڏيکارڻ تي سينيٽ ڪميٽي پاران ڳڻتي جو اظهار

اسلام آباد (م ڊ) منصوبابندي واري وزارت جي پڌرائي موجب سينيٽ جي لاڳاپيل ڪميٽي کي ترقياتي منصوبن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، جنهن ۾ هائيڊرو پاور، پاڻي منصوبا ۽ ريلوي منصوبا غور هيٺ آيا. منصوبابندي واري وزارت موجب داسو هائيڊرو پاور منصوبو 2027 تائين مڪمل ڪيو ويندو، جڏهن ته ڪميٽي ميمبرن چيو ته ڀاشا ڊيم 2035 تائين مڪمل ٿيڻ جا امڪان گهٽ آهن. ڪميٽي کي گومل زام ۽ دراوت ڊيم تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. چيئرپرسن ڪميٽي ڪالاباغ ڊيم بابت خدشن جو اظهار ڪندي واضح ڪيو ته ٽن صوبائي اسيمبلين ان کي رد ڪري ڇڏيو آهي، تنهنڪري ان کي منصوبي طور شامل نه ڪرڻ گهرجي. پاڻي جي کوٽ جي حوالي سان ڪميٽي واضح حڪمت عملي تي زور ڏيندي ڪي فور پاڻي منصوبي کي 2026 تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ريلوي ايم ايل ون منصوبو به غور هيٺ آيو، منصوبابندي واري وزارت طرفان ٻڌايو ويو ته پهرئين فيز تي لاڳت 1.1 ارب ڊالر ايندي، جڏهن ته چين 85 سيڪڙو فنڊنگ جي خاطري ڪرائي آهي، پر اڳتي وڌڻ لاءِ چيني ٽيڪنيڪل ٽيم جو انتظار آهي، جنهن تي چيئرپرسن ڪميٽي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. قرت العين مري متبادل فنڊنگ جا ذريعا ڳولڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ترقياتي منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.