پاڪستان سان معاهدي تي اڳڀرائي، موسمياتي تبديلين بابت فنڊ به ڏئي سگهجن ٿا: آءِ ايم ايف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي فنڊ چيو آهي ته پاڪستان سان اسٽاف ليول معاهدي تي اڳڀرائي ٿي آهي، موسمياتي تبديلين تي امڪاني طور فنڊ به فراهم ڪري سگهجن ٿا.
آءِ ايم ايف طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب پاڪستان سان 7 ارب ڊالر قرض پروگرام تي جائزي لاءِ ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ پاڪستان سان ڪلائميٽ فنانسگ لاءِ به ڳالهه ٻولهه ٿي.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان سان قرضن جي ادائيگي جي مينيجمينٽ، توانائي شعبي جي لاڳت گهٽ ڪرڻ ۽ توانائي شعبي جي بهتري، معاشي ترقي جي شرح وڌائڻ ۽ صحت جي شعبي جي بهتري لاءِ ڳالهه ٻولهه ٿي.
آءِ ايم ايف موجب پاڪستان سان تعليم کي هٿي ڏيڻ، سماجي تحفظ ۽ موسمياتي تبديلين جا اثر گهٽائڻ تي به ڳالهيون ٿيون.
آءِ ايم ايف چيو آهي ته پاڪستان موجوده قرض پروگرام تي سختي سان عملدرآمد ڪيو، ڳالهه ٻولهه هاڪاري رهي، پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ڳالهين کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ ورچوئلي ڳالهه ٻولهه جاري رکنداسين.
پڌرائيءَ موجب پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف اسٽاف لاول معاهدي لاءِ اڳڀرائي ڪئي آهي، ڪلائميٽ ريفارمز تي ڳالهيون ڪيون ويون ۽ پاڪستان کي موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ به امڪاني طور فنڊ ڏئي سگهجن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.