دهشتگرد ڀلي پاڪستان ۾ هجن يا افغانستان ۾ کين نه ڇڏيو ويندو: حنيف عباسي

لاهور (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وزير حنيف عباسي چيو آهي فيصلو ٿي چڪو آهي ته معصوم انساني جانين سان کيڏندڙ دهشتگرد ڀلي پاڪستان ۾ هجن يا افغانستان ۾ کين نه ڇڏيو ويندو.
ريلوي هيڊ ڪوارٽر لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حنيف عباسي چيو ته ريلوي جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، اسٽيشنز جي اپ گريڊيشن کي به ڏسي رهيا آهيون، ريلوي پوليس جو اسڪيل پنجاب پوليس جي برابر ڪري ڇڏيو آهي.
هن چيو اسان کي سوچڻو پوندو ته ملڪ ۾ دهشتگردي ٻيهر ڪَر ڇو کنيو؟ سي پيڪ سڄي دنيا جي اک ۾ ڪنڊو آهي، ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته اهو پورو نه ٿئي.
سندس چوڻ هو فيصلو ٿي چڪو آهي ته دهشتگرد ڪٿي به هجن انهن کي نه ڇڏيو ويندو، دهشتگرد ڀلي افغانستان هليا وڃن ته انهن جو پيڇو ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.