راڻيپور (رپورٽ: فياض حسين) سنڌ جي صوفي شاعر حضرت سچل سرمست رحه جو 204 هون عرس مبارڪ شاندار تقريب سان شروع ٿي ويو. درگاھ سچل سرمست کي ڪنوار جيان سينگاريو ويو، جتي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ درگاھ جي گادي نشين خواجا عبدالحق فاروقي سان گڏجي چادر چاڙهي عرس جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي، خواجا عبدالحق فاروقي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کي گيڙو پٽڪو پارايو، جڏهن ته وڏي وزير سيد ناصر علي شاھ سان گڏ صوفي محفل ۾ شرڪت ڪئي ۽ سچل سائين جا صوفي ڪلام ٻڌا. ميڊيا سان ڳالهائيندي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ صوفين ۽ درويشن جي ڌرتي آهي، جيڪا هميشه انسانيت جو درس ڏيندي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ڪنهن به نئين ڪئنال جي تعمير ناهي ٿي رهي. هن وضاحت ڪندي چيو ته گرين پاڪستان جي نالي تي جيڪي 6 ڪئنال ٺاهڻ جو منصوبو پيش ڪيو ويو آهي، اهو ڪڏهن نه ٺهندو. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته ڪئنالن جي امڪاني اڏاوت خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور ڪيو ويو. هن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ قدرتي آهي، جيڪا پوري ملڪ کي منهن ڏيڻي پئي ٿي. ساڳئي وقت، ملڪ ۾ دهشتگردي جي نئين لهر تي ڳڻتي ظاهر ڪندي هن بلوچستان ۾ ٿيل دهشتگرد حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. وڏي وزير واضع ڪيو ته سنڌ حڪومت ڪنهن به صورت ۾ نون ڪئنالن جي اڏاوت جي اجازت نه ڏيندي ۽ صدر پاڪستان به انهن منصوبن جي مخالفت ڪري چڪو آهي. هن چيو ته پاڻي سنڌ جو جياپو آهي، ۽ اسان درياهه جي مالڪي ڪري رهيا آهيون. ان دوران، گمس اسپتال گمبٽ بابت ۾ ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته هتي هن وقت تائين 1278 ڪامياب ٽرانسپلانٽ ٿي چڪا آهن، جيڪي طبي شعبي ۾ هڪ اهم اڳڀرائي آهن.