اسلام آباد ( م ڊ) بلوچستان جي وڏي وزیر سرفراز بگٽي چيو آهي ته دهشت گرد پاڪستان کي غيرمستحڪم ڪرڻ چاهين ٿا، گم ٿيلن جو معاملو بهانو آهي، هاڻ سوشل ميڊيا تي واويلا ڪندڙن کي به سزا ملندي.سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن سان دليري سان مقابلو ڪيو. دهشت گردن جو بلوچ قوم ۽ ان جي حقن سان ڪا تعلق ناهي. سرفراز بگٽي پاڪستان فوج جي شعبه تعلقات عامه (آءِ ايس پي آر) جي ڊائريڪٽر جنرل جنرل احمد شريف سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته دهشتگردن بلوچ روايتن کي پامال ڪيو، انهن دهشتگردن جو بلوچ قوم سان ڪو تعلق ناهي.. سڀني دهشتگردن جو سرپرست ڀارتي ايجنسي "را” آهي، انهن سڀني دهشتگردن جي ناني "را” آهي، اسان کي هڪ رياست جي طور تي ان دهشتگردي خلاف ردعمل ڏيڻو آهي، ڇا صرف پاڪستان ۾ ماڻهو گم ڪيل آهن ؟ اسان جي فورسز وٽ دهشتگردن کي ختم ڪرڻ جي صلاحيت آهي، حڪومت جي ذميواري آهي ته گم ٿيلن کي ڳولي. سرفراز بگٽي چيو ته اهي ناراض بلوچ نه آهن، بلڪه دهشتگرد آهن. دهشت گردن سان ڪهڙي معاملي تي ڳالهيون ڪيون، مالڪ بلوچ ته اعتماد ۾ نه ورتو.