اسلام آباد (م ڊ) نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير عبدالمالڪ بلوچ چيو ته ٻيهر چونڊون ٿيون ته بلوچ قوم حصو نه وٺندي، گولي سان مسئلا حل نه ٿيندا. هن چيو ته اليڪشن کٽڻ جو ڪو فائدو ناهي، اسان تازي واقعي جي مذمت ڪئي آهي، مسئلا ڳالهين سان حل ٿيندا آهن، لڳي ٿو هاڻي ڳالهيون نه ٿينديون. محسن نقوي جي بيان تي هن چيو ته هٿياربند گروهن وٽ بيانيو آهي پر سرڪار وٽ ڪو بيانيو ناهي. ساڳئي پروگرام ۾ شير افضلمروت چيو ته 40 هزار ماڻهن کي آڻي آباد ڪرڻ جو فيصلو پارليامينٽ ۾ ٿيو هو، بلاول ڀٽو، محسن داوڙ، مصطفيٰ نواز کوکر کانسواءِ سڀني اتفاق ڪيو هو. هن چيو ته منهنجي تڪ ۾ شام کانپوءِ نه سڪيورٽي عملدار نڪرن ٿا نه ئي عام ماڻهو نڪرندو آهي. لڪي مروت، ٽانڪ، وزيرستان، بنون، ڪرڪ، ڊي آءِ خان ۾ اها ئي صورتحال آهي. افغانستان سان لاڳاپا خراب ٿيڻ جي ڪري دهشتگردي آهي، خراب صورتحال جا ذميوار اسان به آهيون. لاڳاپا ٺيڪ هجن ها ته سرحد کان مداخلت نه ٿئي ها ۽ ٽي ٽي پي تي هو اثرانداز ٿين ها. دهشتگردن جي نالي تي ماڻهن کي کڻڻ کانپوءِ کين دهشتگردن وٽان همدردي ملي ٿي.