واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ٽرمپ انتظاميا 43 ملڪن جي شهرين تي سفري پابندين جي تجويزن تي غور ڪري رهي آهي.
آمريڪي اخبار موجب ٽرمپ انتظاميا هڪ نئين سفري پابندين جي فهرست تي غور ڪري رهي آهي، جنهن ۾ مختلف ملڪن کي ٽن ڪيٽيگرين ۾ شامل ڪيو ويندو.
آمريڪي اخبار رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته 10 ملڪن کي اورنج لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي تجويز آهي، جن ۾ پاڪستان، بيلاروس، هيٽي، ميانمار، روس، ترڪمانستان شامل آهن.
انهن ملڪن جي شهرين جون اميگرنٽ ۽ سياحتي ويزائون محدود ڪيون وينديون، ان لسٽ ۾ شامل ملڪن جي ڪاروباري مسافرن کي ڪجهه شرطن سان آمريڪا ۾ داخلا جي اجازت ڏئي سگهجي ٿي.
ان کانسواءِ ڊونلڊ ٽرمپ 11 ملڪن جي شهرين تي مڪمل پابندي جو ارادو به رکي ٿو، انهن ملڪن کي ريڊ لسٽ ۾ شامل ڪيو ويندو، جن ۾ افغانستان، ڀوٽان، ڪيوبا، ايران، ليبيا، اتر ڪوريا، شام، سوڊان، صوماليا، وينزويلا ۽ يمن شامل آهن.
ٽرمپ انتظاميا چاڊ، ڊومينيڪا ۽ لائبيريا سميت 22 ملڪن کي يلو لسٽ ۾ شامل ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي، انهن ملڪن جي شهرين وٽ ويزا درخواست جي حوالي سان ڪنهن قسم جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ 60 ڏينهن هوندا.
You might also like