ميٽا پنهنجي مشهور پليٽ فارمز فيس بُڪ، انسٽاگرام ۽ ٿريڊز ۾ هڪ وڏي تبديلي آڻي رهي آهي، جيڪا انهن سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جي گڏيل نظام کي واضح طور تي تبديل ڪري ڇڏيندي.
ميٽا اعلان ڪيو آهي ته 18 مارچ کان آمريڪا ۾ ڪميونٽي نوٽس ماڊل جي آزمائش شروع ڪئي ويندي، جنهن سان انساني فيڪٽ چيڪنگ سسٽم ختم ڪيو ويندو. هيءُ تبديلي ميٽا جي CEO مارڪ زڪربرگ 7 جنوري تي پهريون ڀيرو ظاهر ڪئي هئي، جنهن ۾ هن ٻڌايو هو ته فيس بُڪ، انسٽاگرام ۽ ٿريڊز تي پوسٽن، وڊيوز ۽ ٻي مواد جي تصديق جو نظام مڪمل طور تي تبديل ڪيو پيو وڃي.
زڪربرگ واضح ڪيو ته ميٽا فيڪٽ چيڪرز جو پراڻو سسٽم ختم ڪري رهيو آهي ۽ ان جي جاءِ تي واهپيدارن تي ٻڌل ڪميونٽي نوٽس سسٽم آندو پيو وڃي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته هاڻي پوسٽن جي سچائي جاچڻ لاءِ ميٽا X (ٽوئٽر) جهڙو ماڊل متعارف ڪرائيندو، جتي عام واهپيدار به مواد بابت اضافي ڄاڻ ۽ پسمنظر مهيا ڪري سگهندا.
هن نئين پاليسي بابت ميٽا واضح ڪيو آهي ته هيءُ عمل شايد مڪمل طور تي مثالي نه هجي، پر وقت سان گڏ ان کي اپڊيٽ ڪيو ويندو. ميٽا موجب، هينئر تائين تقريباً 200,000 واهپيدار فيس بُڪ، انسٽاگرام ۽ ٿريڊز لاءِ ڪميونٽي نوٽس سسٽم جو حصو بڻجي چڪا آهن. هيءُ سسٽم واهپيدارن جي ريٽنگ هسٽري کي نظر ۾ رکندو.
ياد رهي ته ميٽا 2016 ۾ فيڪٽ چيڪنگ پروگرام متعارف ڪرايو هو، ته جيئن ٿرڊ پارٽي چيڪنگ سسٽم تي دارومدار گھٽجي وڃي. پر هاڻي مارڪ زڪربرگ اعتراف ڪيو آهي ته پراڻو سسٽم سياسي تعصب تي ٻڌل هو، جيڪو صارفين جي آزاديءَ تي اثرانداز ٿي رهيو هو.