سرمائيداري نظام کي ٽيڪ ڏيندڙ بئنڪون/ مالياتي ادارا هوندا آهن. اهي ئي سيڙپن لاءِ پئسو مھيا ڪندا آهن پر ڪنھن کي پئسو ڏجي ۽ ڪنھن کي نه ڏجي، اهو فيصلو هو ڪندا آهن. ڪيتريون ئي ڪمپنيون ختم ٿي وينديون آهن، جيڪي پئسو حاصل نه ڪري سگهنديون آهن، جڏهن ته ڪيتريون ئي ناڪام ڪمپنيون، جن جا مالياتي ادارن سان ويجهڙا لاڳاپا هوندا آهن، پنھنجو وجود برقرار رکي سگهنديون آهن.
ان ڪري مالياتي ادارا، سرمائيداراڻي عالمي نظام ۾ وڌ ۾ وڌ طاقتور منصوباساز (Planners) هوندا آهن. هڪ معاشي ماهر، ”جديد بئنڪن کي سوويت يونين جي گوسپلان سوويت يونين جي مرڪزي منصبوه بنديءَ واري ايجنسي، جو نجي هم منصب قرار ڏنو آهي. (سوشلائيز فائننس: جي.ڊبليو ميسن.)
1979 ۾ اسرائيل ۾ پيدا ٿيل نيومن 2006 ۾ آمريڪا ۾ “WeWork” نالي سان هڪ ڪمپني ٺاهي، جيڪا نئون ڌنڌو شروع ڪندڙن کي غير استعمال شده آفيسون ڪرائي تي ڏيڻ لڳي. 2016ع تائين ان ڪمپنيءَ جا اثاثا 10 ارب ڊالرن کي پھتا.
وال اسٽريٽ جرنل لکيو ته ”نيومن جي زندگيءَ جي مقصدن مان هڪ مقصد دنيا جو پھريون کرب پتي بڻجڻ ۽ ڪمپنيءَ WeWork جي آفيس، مريخ سياري تي تعمير ڪرڻ آهي“.WeWork ڪمپنيءَ جو قرض وٺڻ ڪري نيٺ ڏيوالو نڪري ويو پر سافٽ بئنڪ (Soft Bank) جي پئسن ڪمپنيءَ کي مڪمل ختم ٿيڻ کان بچائي ورتو.
اينران (Enron)وڌ ۾ وڌ طاقتور بئنڪن ۽ وڏي ڪاروبار وچ ۾ گهڻو ڪجهه مشترڪه هوندو آهي، اهي اڪثر گڏجي ڪم ڪند اآهن، سٺي يا بري لاءِ. گذريل صديءَ جي هر وڏي ۾ وڏي ڪارپوريٽ اسڪينڊل پٺيان توهان دنيا جي وڏي ۾ وڏي ۽ وڌ ۾ وڌ طاقتور مالي ادارن مان ڪنھن هڪ کي ضرور ڏسندئو. ڪمپنيون مري کپي ويل ٿي سگهن ٿيون پر انھن جون بئنڪون جيئريون رهنديون آهن.
اينران ڪمپنيءَ جو 2001 ۾ ڏيوالو نڪري ويو، جيڪو ان وقت تاريخ جو وڏي ۾ وڏو ڏيوالو هو، اڄ اينران جو ڪو به وجود ڪونهي پر ان کي قرض ڏيندڙ بئنڪ جي پي مورگن چيز اڄ به آمريڪا جي وڏي ۾ وڏي سيڙپ ڪندڙ بئنڪ آهي.
ڪمپنين جو انضمام وڏين سيڙپ وارين بئنڪن کان سواءِ ممڪن نه ٿي سگهندو آهي. جڏهن بائير 2016 ۾ مونسانٽو ڪمپنيءَ کي خريد ڪيو، اهو سودو بئنڪ آف آمريڪا ، ڪريڊٽ سوئزي ۽ روٿس چائيلڊ اينڊ ڪمپني جي مدد سان ممڪن ٿيو، جن 8 ڪروڙ ڊالر في طور انھن ڪمپنين کان ورتا.
مورگن اسٽينلي ۽ ڊُسيرا مونسانٽو کان10 ڪروڙ ڊالر ورتا.
ڊو ڪيميڪل ۽ ڊوپونٽ وچ ۾ انضمام جي صلاحڪاري في جو وڏو حصو ميڪائيل ڪلين ڏانھن ويو (جيڪو Citigroup بئنڪ جوCEO هو). ڪلين، اسٽينلي مورگن سان گڏ 8 کان 10 ڪروڙ ڊالر ورتا.
ڪيم چائن کي سنگينٽا سان انضمام ڪرڻ جي صلاح ايڇ ايس بي س)۽ چائنا سٽي بئنڪ انٽرنيشنل طرفان ڏني وئي، جن 6 ڪروڙ 50 لک کان 9 ڪروڙ 50 لک ڊالر في وصول ڪئي. سنگينٽا کي ڊيالڪو بئنڪ، جي پي مورگن ۽ گولڊ مئن سئڪس ان انضمام جي تجويز ڏني ۽ انھن گڏجي 59-71 ملين ڊالر في طور وصول ڪيا.
ان ڪري وڏن انضمامن جو مطلب رڳو وڏين ڪمپنين جي گهڻي مارڪيٽ طاقت نه هوندي آهي پر ان سان گڏ وڏين بئنڪن لاءِ وڏي رقم به هوندي آهي. بئنڪون، سرمائيدار پئداوار ۽ مٽاسٽا جي عملن کي منظم ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪنديون آهن، اهي چند وڏن ڪارپوريٽ ۽ مالي ادارن جي هٿن ۾ طاقت کي مضبوط ڪرڻ ۾ مدد ڪنديون آهن. هڪ ٻئي جا رقيب هجڻ کان تمام پري، وڏيون بئنڪون ۽وڏا ڪاروبار پنھنجا مقصد ماڻڻ لاءِ هڪ ٻئي سان گڏجي ڪم ڪندا آهن