واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته روس ۽ آمريڪا جي وچ ۾”هاڪاري ۽ تعميري“ ڳالهيون ٿيون آهن.
پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ” ٽروٿ سوشل “ تي جاري ڪيل بيان ۾ چيوته روس ۽ آمريڪا وچ ۾ هاڪاري ڳالهيون ٿيون آهن، اهڙي قسم جي اڳڀرائي کي ساراهيون ٿا.
پر ان سان گڏوگڏ ٽرمپ خبردار ڪيو ته يوڪريني فوج جا هزارين سپاهي روسي فوج جي گهيري ۾ آهن ۽ ” انتهائي خراب ۽ ڪمزور پوزيشن“ ۾ آهن.
آمريڪي صدر انڪشاف ڪيو ته هن پوٽن کي چيو هو ته ”سپاهين جون زندگيون بچايون وڃن.“
ڊونلڊ ٽرمپ وڌيڪ چيو ته اهو هڪ ڀوائتو قتلام هوندو، جيڪو ٻي مهاڀاري ويڙهه کانپوءِ ناهي ڏٺو ويو.
You might also like