ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي علائقي بولان ۾ جعفر ايڪسپريس تي حملي جي شهيدن جي تدفين جو سلسلو جاري آهي.
برطانوي ميڊيا موجب، جمعي تي ڪوئيٽا ۾ ريلوي پوليس جي اهلڪار شمروز خان کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪار فدا حسين جي تدفين نصير آباد ڊويزن جي صحبت پور علائقي ۾ ڪئي وئي.
ذريعن موجب، 13 مارچ تائين 25 ڄڻن جا مڙهه مڇ ريلوي اسٽيشن تي پهچايا ويا.
ڪوئيٽا سول اسپتال جي هڪ اهلڪار موجب، حملي ۾ مارجي ويل 13 ڄڻن کي اسپتال آندو ويو، جن مان ڇهن ڄڻن جي اڃا تائين نشاندهي نه ٿي سگهي آهي.
اهلڪار جو چوڻ آهي ته گهڻا ماڻهو گوليون لڳڻ سبب مارجي ويا ۽ کين پري کان نشانو بڻايو ويو.
Next Post
You might also like