جي سيون جي ٻن ڏينهن واري اجلاس جي حتمي بيان جي مسودي ۾ روس کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته هو آمريڪا طرفان تجويز ڪيل جنگبندي جي معاهدي تي راضي ٿئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، جي سيون اختيارين جو چوڻ آهي ته رڪن ملڪن ڪئناڊا، فرانس، جرمني، اٽلي، جپان، برطانيا ۽ آمريڪا جي سينيئر سفارتڪارن ڄاڻايل بيان جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، پر ان تي اڃا جي سيون جي پرڏيهي وزيرن جون صحيحون باقي آهن.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته جي سيون جي ميمبر ملڪن روس تي زور ڏنو آهي ته هو برابري جي شرطن تي جنگبندي تي راضي ٿئي ۽ ان تي مڪمل عملدرآمد ڪري.
بيان ۾ مضبوط سڪيورٽي انتظامن جي ضرورت تي به زور ڏنو ويو آهي ۽ ماسڪو کي خبردار ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن اهڙو قدم نه کنيو ويو ته روس وڌيڪ پابندين کي منهن ڏيڻو پوندو.
You might also like