ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ قومي سڃاڻپ ڪارڊ جاري نه ڪرڻ تي توهينِ عدالت جي درخواست تي ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ايسٽ جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان بار بار سڏائڻ باوجود ڊپٽي ڪمشنر ايسٽ الطاف شيخ ۽ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر اعجاز عدالت ۾ پيش نه ٿيا.
عدالت، توهينِ عدالت تي ٻنهي آفيسرن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي ايس ايس پي ايسٽ کي حڪم ڏنو ته هو عدالتي حڪم تي عملدرآمد ڪرائي آفيسرن کي عدالت ۾ پيش ڪري.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 21 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
You might also like